سکر (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت نيب پنڊي جي ٽيم کي خورشيد شاهه کان جاچ جي اجازت ڏيندي کيس 17 ڏينهن جي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي، جڏ...
سکر (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت نيب پنڊي جي ٽيم کي خورشيد
شاهه کان جاچ جي اجازت ڏيندي کيس 17 ڏينهن جي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي، جڏهن ته نيب طرفان سمورن جوابدارن کي ريفرنسز جون ڪاپيز مهيا ڪيون ويون آهن. سکر جي احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس جي ٻڌڻيءَ دوران پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه پيش ٿيو، جڏهن ته نيب راولپنڊي طرفان خورشيد شاهه خلاف جاچ شروع ڪرڻ جي حوالي سان اجازت لاءِ درخواست ڪئي وئي. عدالت نيب پنڊي کي جاچ جي اجازت ڏيندي چيو آهي ته ٽيم خورشيد شاهه کي موڪليل 10 سوالن جا جواب وٺي سگهي ٿي، پر سوالن جا جواب جيل اندر ئي ورتا وڃن.
واضح رهي ته نيب راولپنڊي طرفان خورشيد شاهه کان سمنڊ پار پاڪستانين جي وزارت جي حوالي سان مختلف سوالن جا جواب طلب ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پي ايف هائوسنگ اسڪيم، ايف ڊبليو کي ٺيڪو ڏيڻ ۽ اُنهن جي اختيارن جي حوالي سان سوال پُڇيا ويا آهن. خورشيد شاهه کان پُڇيو ويو آهي ته ڇا کيس هائوسنگ اسڪيم جو ٺيڪو ڏيڻ جو اختيار هو، ٻڌايو وڃي ته ڪهڙن قائدن ضابطن تحت کيس اختيار مليل هو.
عدالت پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه کي وڌيڪ 17 ڏينهن جي عدالتي رماند تي جيل موڪلي ڇڏيو، کيس ٻيهر 3 فيبروري تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. نيب طرفان آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ۾ خورشيد شاهه سوڌو نامزد ٻين جوابدارن کي دستاويزن جون ڪاپيز مهيا ڪيون ويون آهن.

COMMENTS