ڪراچي(رپورٽ رانا طفيل) ڪورونا وائرس چين جي وڏي حصي کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو آهي جنهن سبب موذي مرض ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ وڌي 170 تائين پهچي و...
ڪراچي(رپورٽ رانا طفيل) ڪورونا وائرس چين جي وڏي حصي کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو آهي جنهن سبب موذي مرض ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ وڌي 170 تائين پهچي ويو آهي، غير ملڪي ميڊيا موجب تبت ۾ به ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي ۽ خطرناڪ مرض امريڪا، جاپان، ڪينيڊا ۽ آسٽريليا سميت دنيا جي 16 ملڪن ۾ پهچي چڪو آهي، چيني عملدارن موجب ته ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ 7 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، ٻئي پاسي عالمي صحت واري اداري ڊبليو ايڇ او طرفان ڪورونا وائرس جي حوالي سان اڄ اهم اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ وائرس کي دنيا جي لاءِ خطرو قرار ڏيڻ يا ايمرجنسي جي صورتحال نافذ ڪرڻ جي حوالي سان معاملن جو جائزو ورتو ويندو، ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ايڊهينم جو چوڻ آهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن دوران ڪجهه ملڪن ۾ ڪورونا وائرس جي هڪٻئي ۾ منتقلي تي شديد ڳڻتي آهي، هن جو چوڻ هو ته چين کانسواءِ ٻين ملڪن ۾ به ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ تمام گهٽ آهي پر اهو مرض وبائي صورتحال اختيار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. جڏهن ته چين جي صوبي هوبئي جي شهر ووهان ۾ تعليم پرائيندڙ 4 پاڪستاني شاگردن ۾ به ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي.

COMMENTS