ڪراچي (رپورٽر) سنڌ سرڪار صوبي ۾ ڪڻڪ جو بحران ختم ڪرڻ لاءِ پاسڪو کان وڌيڪ ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي: زراعت ۽ خوراڪ کاتي جو چوڻ آهي ت...
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ سرڪار صوبي ۾ ڪڻڪ جو بحران ختم ڪرڻ لاءِ پاسڪو کان وڌيڪ ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي: زراعت ۽ خوراڪ کاتي جو چوڻ آهي ته اٽي جي اگهن کي ڪنٽرول ۾ ڪرڻ لاءِ ٽن ڏينهن لڳي ويندا. وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ اجلاس دوران چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، خوراڪ کاتي جي وزير هري رام ڪشوري لال، زراعت کاتي جي وزير اسماعيل راهو ، ناڻي ۽ خوراڪ کاتي جي سيڪريٽريز سوڌو لاڳاپيل عملدار پيش ٿيا. اجلاس ۾ سنڌ اندر ڪڻڪ جي بحران ۽ اٽو مهانگو وڪرو ٿيڻ واري معاملي تي ويچاريو ويو.
وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان طرفان جاري ٿيل پڌرائي موجب اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته سنڌ حڪومت وٽ 8 لک ٽن ڪڻڪ پنهنجي هئي، جنهن مان 4 لک ٽن ڪڻڪ جاري ٿي چڪي آهي، ڪراچي شهر لاءِ هر مهيني هڪ لک 30 هزار ٽم ڪڻڪ جاري ڪئي ويندي آهي. صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ پاسڪو جون 12 هزار ٻوريون پهچي چيون آهن.
اُن موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته خوراڪ کاتو 15 مارچ تائين ڪڻڪ جاري ڪندو آهي، اُن حساب سان خوراڪ کاتي کي وڌيڪ ٻن مهينن لاءِ ڪڻڪ جي فراهمي يقيني بڻائڻي آهي: وڏي وزير هدايت ڪئي ته سنڌ جي گُدامن ۾ 3 لک 35 هزار ٽن ڪڻڪ موجود آهي، اها فلو ملز کي ڏئي رقم ورتي وڃي.اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته پاسڪو کان وڌيڪ ڪڻڪ ورتي ويندي، جڏهن ته وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ حڪومت 90 ارب جي قرض مان 20 ارب رُپيا بئنڪس کي واپس ڪري چڪي آهي، جڏهن ته سنڌ جي خوراڪ کاتي طرفان پاسڪو کي به ڪڻڪ جي مد ۾ رقم ادا ڪئي وئي آهي. وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته پاسڪو کان 4 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي پئي وڃي.
اٽي جي اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ 3 ڏينهن لڳندا
ترجمان موجب اجلاس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه کي آگاهي ڏني وئي آهي ته ڪراچي کي 75 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون ملي چڪيون آهن، مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي اگهن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ 3 ڏينهن لڳي ويندي، هن وقت فلو ملز وارن ذريعي مختلف هنڌن تي اٽو 45 رُپيا في ڪلو جي حساب سان مهيا ڪيو پيو وڃي.

COMMENTS