خيرپور(بيورو رپورٽ) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته نالائق ۽ نااهل وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين ملڪ ۾ معاشي بحران وڌيو آهي ...
خيرپور(بيورو رپورٽ) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته نالائق ۽ نااهل وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين ملڪ ۾ معاشي بحران وڌيو آهي جنهن جا اثر سنڌ صوبي تي به پيا آهن، آءِ جي واري معاملي تي ضد ڪري سنڌ واسين کي ٻئي درجي واري شهري جو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جبري طور ڪو فيصلو مڙهيو ويو ته اُن کي قبول نه ڪيو ويندو. هن اهڙو اظهار خيرپور ۾ وساڻ هائوس تي بينظيرهائوسنگ سيل بابت وزيراعليٰ سنڌ جي خاص معاون نواب علي وساڻ سان سندس امڙ جي لاڏاڻي تي عذرخواهي ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي سينيٽر يوسف بلوچ پڻ موجود هو. صوبائي وزير اطلاعات سعيد غني چيو ته سنڌ ۾ مخالف ڌُر جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ جي جي رضامنديءَ سان آءِ جي آڻڻ جي غلط روايت وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪڏهن ايئن ٿيو ته سنڌ حڪومت هرگز ان کي قبول نه ڪندي. هن چيو ته ڊسمبر ۾ وزيراعليٰ سنڌ سان ٿيل ملاقات دوران وزريراعظم آءِ جي سنڌ جي تبديلي تي مشاورت بعد راضپو ڏيکاريو هو بعد ۾ سندس هڪ به واعدو وفا نه ٿيو، وزيراعظم کي سوچڻ گهرجي ته اُهي ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي کيس شرمنده ڪرڻ گهرن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي گورنر پاران نامزد ڪيل آءِ جيز کي نامناسب قرار ڏيڻ ۽ بغير ثبوتن جي 22هين گريڊ جي ڪنهن آفيسر تي الزام بلڪل غلط آهي، ڪي پي، پنجاب ۽ اسلام آباد جا آءِ جيز ڪيترائي ڀيرا تبديل ٿيا پر رُڳو سنڌ جي آءِ جي تبديليءَ وارو معاملو وفاقي ڪابينا ۾ وڃڻ سنڌ لاءِ غلط پيغام آهي. صوبائي وزير اطلاعات تعليم، صحت ۽ بيروزگاري بابت پڇيل سوالن جي جواب ۾ چيو ته اهي مسئلا رُڳو سنڌ ۾ نه پر سڄي ملڪ ۾ آهن، پر سنڌ صوبي کي ٽارگيٽ ڪري بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪو نامناسب آهي ٻين صوبن بابت به اڀياس ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته گذريل دورن ۾ حڪمرانن پنهنجي ماڻهن کي راضي ڪرڻ لاءِ اسڪولن جي نالي تي مينهن جا واڙا ٺهرائي ڏنا، ٿر جي هڪ ڳوٺ ۾ ته 57 اسڪول قائم ٿيا، پر موجوده پيپلزپارٽي حڪومت پهريون ڀيرو اسڪولن جو سروي ڪرايو ۽ معلوم ٿيو ته 42 هزار اسڪولن مان رُڳو 9 هزار اهڙا اسڪول آهن جن ۾ 80 سيڪڙو داخلا جي شرح آهي، جن ۾ مرحليوار ڀرپور سهولتون ڏنيون پيون وڃن، يو ايس ايڊ تحت 100 کان وڌيڪ اسڪولن کي معياري بڻايو پيو وڃي جن مان 40 کان وڌيڪ اسڪول تيار ٿي ويا آهن جن ۾ پرائيويٽ اسڪولن کان به بهتر پڙهايو پيو وڃي. صوبائي وزير اطلاعات سعيد غني چيو ته صحت جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڀرپور ڪوششون وٺي رهي آهي ۽ مهانگي علاج جون سهولتون به سنڌ ۾ مفت ڏنيون ويون آهن اهو ئي سبب آهي جو ٻين صوبن جا ماڻهو به هتي علاج لاءِ اچي رهيا آهن، گمبٽ جهڙي ننڍڙي تعلقي واري ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ۾ سنڌ سرڪار پاران سهولتون ڏيڻ کانپوءِ 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي جگر جي رڪارڊ پيوندڪاري ٿي آهي، هن چيو ته دوائن جي خريداري ۾ حڪومت ڄاڻي واڻي دير ناهي ڪئي، ان عمل کي شفاف بڻائڻ ۽ قانونن جي پاسداري ڪرڻي پوندي آهي تمام جلد خريداري عمل ۾ اچي ويندي ۽ کوٽ ختم ٿي ويندي. خيرپور اسپتال مان دوائن جي چوري بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته دوائون چوري ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ٿيندي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، اهو طريقو غلط آهي ته عام ماڻهن جي علاج لاءِ ايندڙ دوائون چوري ٿيڻ جيڪڏهن پهريان به چوري جو واقعو ٿيو هو ته هن ڀيري دوائن جي حفاظت لاءِ انتظام ڇونه ڪيا ويا ان معاملي کي ضرور ڏٺو ويندو. صوبائي وزير چيو ته گذريل مالي سال ۾ وفاقي حڪومت سنڌ کي هڪ سئو 5 ارب رپيا گهٽ ڏنا، جنهن سبب يونيورسٽين سميت صوبي جا ٻيا وڏا پروجيڪٽ متاثر ٿيا، اميد ڪئي پئي وڃي ته وفاق پنهنجي واعدن تي عمل ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته خيرپور پريس ڪلب لاءِ فنڊ ۽ فرنيچر سميت ٻيا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا.

COMMENTS