Add cAdd ca ptionaption نواب شاھ ( عامر ڀٽي ) آمريڪا ( يو ايس اي ) ۾ آرگنائيزيشن ھلائيندڙ دنيا جو نالي وارو يونائيٽيڊ اسٽيٽ آف آمريڪا ( ي...
| Add cAdd ca ptionaption |
نواب شاھ ( عامر ڀٽي ) آمريڪا ( يو ايس اي ) ۾ آرگنائيزيشن ھلائيندڙ دنيا جو نالي وارو يونائيٽيڊ اسٽيٽ آف آمريڪا ( يو ايس اي ) جو مشھور آرٿوپيڊڪ سرجن پروفيسر ڊاڪٽر اي ڊبليو ڀٽي ۽ سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل ارشاد احمد ڌاريجو پاران قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نواب شاھ جو دورو ھن سال قائد عوام يونيورسٽي جي پنج شاگردن کي اسڪالرشپ ڏئي پڙھائڻ جو اعلان ايندڙ سال 10 شاگردن کي اسڪالرشپ ڏئي پڙھائڻ جو اعلان قائد عوام يونيورسٽي انتظاميه ۽ پروفيسر ڊاڪٽر اي ڊبليو ڀٽي جي آرگنائيزيشن الرٽ سٽيزن ويلفيئر آرگنائيزيشن ۾ معائدو رپورٽ موجب آمريڪا ( يو ايس اي ) ۾ آرگنائيزيشن ھلائيندڙ دنيا جو نالي وارو يونائيٽيڊ اسٽيٽ آف آمريڪا ( يو ايس اي ) جو مشھور آرٿوپيڊڪ سرجن پروفيسر ڊاڪٽر اي ڊبليو ڀٽي ۽ سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل ارشاد احمد ڌاريجو نواب شاھ پھچي قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نواب شاھ جو دورو ڪيو جتي ھن قائد عوام يونيورسٽي جي سينٽرن لائيبريري سميت مختلف ڊپارٽمينٽ گھمي ڏٺا ۽ ٻوٽو لڳايو بعد ۾ يونيورسٽي جي سينيٽ ھال ۾ ھڪ تقريب منعقد ٿي جتي ذڪر ڪيل آرگنائيزيشن جي ڊاڪٽر اي ڊبليو ڀٽي ارشاد احمد ڌاريجو ۽ قائد عوام يونيورسٽي نواب شاھ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون ايم او يو تي صحيح ڪيون جنھن تحت ھن سال قائد عوام يونيورسٽي جي پنج شاگردن کي اسڪالرشپ ڏئي پڙھائڻ ۽ ايندڙ سال 10 شاگردن کي اسڪالرشپ ڏئي پڙھائڻ ، آءِ ليٽس ، جي آر اي ۽ ٽافل جي انگلش پروگرامن جي امتحان جي سينٽر جو پڻ اعلان ڪيو جنھن ۾ قائد عوام يونيورسٽي ذڪر ڪيل آرگنائيزيشن جي تعاون سان انگلش جي سرٽيفڪيشن ۽ لاڳاپيل امتحانن جي مدد جو پڻ اعلان ڪيو جنھن ۾ غريب شاگردن جي مدد ڪئي ويندي جيئن گھٽ خرچ ۾ شاگرد انگلش جا ڪورس ۽ سرٽيفڪيشن قائد عوام مان حاصل ڪن انھي موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر اي ڊبليو ڀٽي چيو ته تعليم ھر ماڻھو جو حق آھي ھن چيو ته منھنجي ڪوشش آھي ته ھن اداري سميت مختلف ادارن جا شاگردن جيڪڏھن آمريڪا ۾ منھنجي ڪا مدد حاصل ڪن ته مان انھن جي خدمت ڪرڻ جي لاءِ تيار آھيان ھن چيو ته ھاڻ مقابلي جو دور آھي جنھن ۾ اسان کي سخت محنت جي ضرورت آھي ھن چيو ته مان پراڻي سکر جو رھواسي غريب جو ٻار ھيس مون مئٽرڪ کان وٺي پنھنجي تعليم اسڪالرشپ تحت حاصل ڪئي آھي ھڪ ڏينھن اھڙو آيو جو مون کي وائيٽ ھائوس گھرايو ويو منھنجي مان ۾ مانجھاندو ڏنو ويو ھن چيو ته شاگرد پنھنجي پڙھائي کي پنھنجو مقصد بنائين منزل ملي ويندي سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل ارشاد احمد ڌاريجو چيو ته مون ڊاڪٽر اي ڊبليو ڀٽي ۾ انسانيت ڏٺي جنھن ۾ ھمدردن غريب ماڻھن جو درد ڏٺو جنھن بعد مون ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ھن چيو ته اسان جا غريب شاگرد محنت ڪري تعليم حاصل ڪن سندن مدد ڪرڻ جي لاءِ ڪافي ادارا موجود آھن وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون چيو ته ڊاڪٽر اي ڊبليو ڀٽي جھڙا انسان گھٽ آھن جيڪي پنھنجي ڌرتي جي ماڻھن جي خدمت ڪرڻ جو حوصلو ۽ جذبو رکن ٿا ھن چيو ته ڊاڪٽر ڀٽي ھن سال پنج شاگردن کي اسڪالر شپ ڏيندو ايندڙ سال وڌائي 10 شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي ھن چيو ته سينٽرل لائيبريري جي لاءِ 50 ڪمپيوٽر ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو آھي جنھن ڪري قائد عوام يونيورسٽي جي شاگردن کي وڌ مان وڌ فائدو ٿيندو انھي موقعي تي ڊپٽي رجسٽرار وقار قاضي عبيد قاضي ۽ ٻيا موجود ھئا
COMMENTS