پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر ورڪر۽سکر ريجن جي اڳوڻي آرگنائيزر ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ چيو آھي ته وزير اعظم پاڪستان عمران خان ملڪ مٿان چڙھيل قرض ...
پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر ورڪر۽سکر ريجن جي اڳوڻي آرگنائيزر ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ چيو آھي ته وزير اعظم پاڪستان عمران خان ملڪ مٿان چڙھيل قرض کان ملڪ کي آجو ڪرائڻ لاء رات ڏينهن ڪوششن ۾ مصروف آھي پرڏيهي قرضن جي ڪري پاڪستان معاشي دٻڻ ۾ڦاٿل آھي اڳوڻن حڪمرانن جي ڪيل ڪرپشن سبب موجوده حڪومت ڪيترن ئي مسئلن کي منهن پئي ڏئي اپوزيشن وارا ڪرپٽ ماڻھن کي بچائڻ لاء ناڪام ڪوششون پيا ڪن ان ۾ ڪامياب نه ٿيندا وفاقي حڪومت۽ عمران خان خلاف واويلا ڪري عوام کي گمراه ڪرڻ جو سازشون ڪن پيا پر ڪرپٽ ٽولو سزا کان بچي نه سگھندو اهڙو اظھار هن جاري ڪيل بيان ۾ ڪندي وڌيڪ چيو آھي ته وزير اعظم پاڪستان عمران خان غريب ماڻھن کي رليف ڏيڻ لاء ڪيترن ئي پروگرامن جي شروعات ڪئي آھي بيروزگار نوجوانن کي روزگار لاء بغير وياج جي قرض ڏيڻ سان گڏوگڏ مفت لکين روپين جي صحت سهولت وارو پروگرام به شروع ٿي چڪو آھي ۽ غريب خاندانن کي راشن به ڏنو ويندو

COMMENTS