خانپورمھر( رپورٽ نواب علي ميراڻي) خانپور مهر لڳ ٽي ڀائر اکين جي نور کان محروم بڻيل. سرڪار ۽ سرندي وارن کان واهر جي اپيل. خبرموجب خانپورمھر...
خانپورمھر( رپورٽ نواب علي ميراڻي) خانپور مهر لڳ ٽي ڀائر اکين جي نور کان محروم بڻيل. سرڪار ۽ سرندي وارن کان واهر جي اپيل. خبرموجب خانپورمھر لڳ ڳوٺ صاحب خان لنڊ جا رهواسي 20 سالن جو نريش ميگھواڙ. 25 سالن جو نارائن ميگھواڙ. 27 سالن جو شيوڪ ميگھواڙ اکين جي نور کان محروم بڻيل آهن متاثر ڪٽنب پنهنجي گهر جو الهه تلهه وڪري ڪري ڪراچي. گمبٽ ٻين هنڌن تان علاج ڪرايو آهي پر ڪٿان بهتر علاج نه ٿيڻ ڪري هي ٽئي ڀائر اکين جي نور کان محروم بڻيل آهن متاثرن ٻڌايو ته هي ڄمڻ کان پوءِ جڏهن 10 سالن جا ٿين ٿا ته هنن جي اکين مان نظر ختم ٿي وڃي ٿي جنهن ڪري هي بيوس ٿي وڃن ٿا سندس ڪوبه ڪمائڻ وارو نه آهي سندن پيء سلائي جو ڪم ڪندو هو هاڻي اهو به مختلف بيمارين ۾ مبتلاء ٿي ويو آهي جنهن ڪري هاڻي گهر جو چلهہ به هنن جي هلائڻ مشڪل ٿي وئي آهي هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه. ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ سرڪار ء سرندي وارن کان علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي

COMMENTS