ڪراچي(بيورو رپورٽ) ڊي آءِ جي سکر اقبال دارا خلاف ايراني ڊيزل جي اسمگلنگ بابت اي آء جي سنڌ کي رپورٽ پيش ڪندڙ انسپيڪٽر غلام علي جماڻي کي شوڪا...
ڪراچي(بيورو رپورٽ) ڊي آءِ جي سکر اقبال دارا خلاف ايراني ڊيزل جي اسمگلنگ بابت اي آء جي سنڌ کي رپورٽ پيش ڪندڙ انسپيڪٽر غلام علي جماڻي کي شوڪاز نوٽيس جاري. ان سلسلي ۾ ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ خادم رند پي ٽي ايس لاڙڪاڻي ۾ وائيس پرنسپال مقرر انسپيڪٽر غلام علي جماڻي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اوهان کي هڪ انڪوائري لاءِ ڊاڪٽر آفتاب احمد پٺاڻ ۽ ايڊيشنل آءِ جي عمران يعقوب منهاس جي مدد لاءِ مقرر ڪيو ويو هو، اوهان جو ڪم اکين ڏٺن شاهدن جو بيان رڪارڊ ڪرڻ، ثبوت گڏ ڪرڻ ۽ جاچ مڪمل ڪرڻ ۾ وڌيڪ سهڪار ڪرڻ هو، پر شڪايت ملي آهي ته اوهان ايڊووڪيٽ سنڌ طرفان درخواست ملڻ تي ڊي آءِ جي سکر خلاف هڪ رپورٽ تيار ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي آهي، جيڪو اوهان جو اختيار ئي نه هو، اوهان اخلاقي ضابطي جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي، ڪو جونيئر آفيسر سڄي ڊپارٽمينٽ کي باءِ پاس ڪري ڪنهن سينيئر خلاف عدالت ۾ انڪوائري رپورٽ ڪيئن ٿو جمع ڪرائي سگهي، اوهان کي هدايت ڪجي ٿي ته شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيو، ٻي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي

COMMENTS