سکر(بيورو رپورٽ) اهلسنت والجماعت سنڌ جو صوبائي صدر سيدمحمدپريل شاھ بخاري کي عدالت سڳوري سمورن ڪيسن مان باعزت بري ڪري ڇڏيو، کيس ساٿين سميت جي...
سکر(بيورو رپورٽ) اهلسنت والجماعت سنڌ جو صوبائي صدر سيدمحمدپريل شاھ بخاري کي عدالت سڳوري سمورن ڪيسن مان باعزت بري ڪري ڇڏيو، کيس ساٿين سميت جيل مان آزاد ڪيوويوآھي. تفصيل موجب اهلسنت والجماعت سنڌ جي صوبائي صدر سيدمحمدپريل شاھ بخاري کي ڪجھ ساٿين سميت 2 سال اڳ مختلف ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو هيو، هن تي ڪجھ ڪيس انسداد دهشتگردي جي ايڪٽ جا به هئا، گذريل ڏينهن آخري ڪيس جي ٻڌڻي اي ٽي سي جي جج آنند رام ڪئي، سيدپريل شاھ ۽ سندس ساٿين پاران ڪيس جي پيروي نامياري سينيئر وڪيل امداد علي ملڪ ڪئي، ڪورٽ سڳوري الزام ثابت نه ٿيڻ تي سيدپريل شاھ بخاري کي ساٿين سميت سمورن ڪيسن مان باعزت بري ڪري ڇڏيو جنهن کان پوء کيس آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته اهلسنت والجماعت جي هزارين ڪارڪنن پاران هن جو تاريخي استقبال ڪيو ويو. استقباليه ريلي ۾ خطاب ڪندي سيد پريل شاھ چيو ته اسان هميشه امن ۽ محبت عام ڪرڻ جو پيغام ڏنو آھي هڪ سازش تحت اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا پر عدالت سڳوري مان اسانکي انصاف مليو آھي هن چيو ته ناموس رسالت ناموس صحابه ۽ ناموس اهلبيت جي تحفظ لاء پرامن ۽ قانوني جدوجهد ڪندا رهنداسين۔
COMMENTS