ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صحت کاتي ڪورونا وائرس جي باري ۾ ڊبليو ايڇ او جي ايڊوائيزري ملندي ئي سنڌ جي سمورين اسپتالن لاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ...
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صحت کاتي ڪورونا وائرس جي باري ۾ ڊبليو ايڇ او جي ايڊوائيزري ملندي ئي سنڌ جي سمورين اسپتالن لاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو طرفان ڪورونا وائرس جي حوالي سان سنڌ جي سمورين سرڪاري اسپتالن لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او طرفان ڪورونا وائرس جي باري ۾ سنڌ سرڪار کي به ايڊوائيزري جاري ڪئي وئي آهي، ڪورونا وائرس انتهائي خطرناڪ آهي ۽ اهو وائرس جانورن مان به انسانن ۾ منتقل ٿئي ٿو. تنهن ڪري ڪتي ۽ ٻلي سوڌو ٻين پالتو جانورن کي پاڻ کان پري رکيو وڃي.
صوبائي وزير عذرا پيچوهو ڪورونا وائرس جي حوالي سان سرڪاري اسپتالن ۾ الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وائرس ۾ مبتلا مريض جا ڦڦڙ متاثر ٿين ٿا، وائرس جون علامتون نظر ايندڙ ڪو مريض اسپتال اچي ته هنگامي بُنيادن تي قدم کڻي اُن جوعلاج ڪيو وڃي ۽ وائرس جي پکيڙ کان روڪڻ لاءِ سمورا انتظام يقيني بڻايا وڃن.

COMMENTS