خيرپور (رپورٽر) وفاقي محتسب خيرپور جي ريجنل ڊائريڪٽر طرفان ڳوٺاڻي جي درخواست تي ڪاروائي، پبلڪ هيلٿ کاتي خيرپور جي انجنير کي نوٽيس جاري، پيش ...
خيرپور (رپورٽر) وفاقي محتسب خيرپور جي ريجنل ڊائريڪٽر طرفان ڳوٺاڻي جي درخواست تي ڪاروائي، پبلڪ هيلٿ کاتي خيرپور جي انجنير کي نوٽيس جاري، پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم. تفصيل مطابق وفاقي محتسب اعليٰ سنڌ خيرپور جي ريجنل ڊائريڪٽر حاجي غلام قاسم بلوچ تعلقه ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ مٺڙي جي رهواسي محمد قاصد علي ولد طالب علي رڏ جي درخواست تي ڪاروائي ڪندي پبلڪ هيلٿ کاتي خيرپور جي انجنير خلاف نوٽيس جاري ڪندي هدايت ڪئي آهي ته درخواستگذار محمد قاصد علي رڏ کي پگهارن جي مد ۾ رهيل رقم ڏني وڃي..واضح رهي ته ڳوٺاڻي محمد قاصد علي رڏ طرفان محتسب اعليٰ سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر کي درخواست ڏيندي ڄاڻائيو آهي ته هو گذريل ستن سالن کان ڪچن ملازمن جي لسٽ ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي خيرپور ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي مگر کيس پگهار نٿي ڏني وڃي نه وري پڪو ڪيو وڃي ٿو. محتسب اعلي سنڌ خيرپور جي ريجنل ڊائريڪٽر طرفان سندس درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي پبلڪ هيلٿ کاتي خيرپور جي ايگزيڪيوٽو انجنير کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.
COMMENTS