عادلپور(غلام رسول مھر) گهوٽڪي ويجهو مبينا ڪارنهن الزام هيٺ سئوٽ هٿيان سئوٽ قتل ٿي ويو۔اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتا...
عادلپور(غلام رسول مھر) گهوٽڪي ويجهو مبينا ڪارنهن الزام هيٺ سئوٽ هٿيان سئوٽ قتل ٿي ويو۔اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو۔خبرموجب گهوٽڪي ويجهو آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ اڀريو لکڻ ۾ جوابدار سوٽ پنهنجي ٻئي سوٽ اسحاق پٽ سومار ميراڻي کي مبينا نوجوان ناري (الف)سان ڪارانهن جو الزام ھڻي قتل ڪري ڇڏيو اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي۔ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي مقتول جي والد سومار ميراڻي جو چوڻ ھو ته منهنجي پٽ کي بيگناھ قتل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪارانهن واري معاملي سان جو ڪوبه تعلق ناهي۔ زاتي رنجش بعد پٽ کي قتل ڪيو ويو آهي۔آخري اطلاع تائين ڪا به گرفتاري ۾ ناهي اچي سگهي۔ذريعن موجب ته ناري زنده آهي جنهن جي پوليس ڳولا شروع ڪري ڏني آهي۔پوليس موجب ته جوابدارن جي گرفتاري لاء ڇاپا هنيا پيا وڃن جڏ ته ناري کي به جلد هٿ ڪري تحفظ ڏنو ويندو۔۔۔

COMMENTS