اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاق پاران ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ ۽ ڀاڻ سستو ڪرڻ سميت ٻين معاملن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عم...
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاق پاران ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ ۽ ڀاڻ سستو ڪرڻ سميت ٻين معاملن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ يوريا جي في ٻوري تي 395 رپيا جي آءِ ڊي سي ٽيڪس ختم ڪري هارين لاء يوريا جي في ٻوري 395 رپيا سستي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، بندش ۽ غير بندش پيل بور جي هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ لاءِ رولز ٺاهڻ ۽ ان بابت فيصلا ڪرڻ جو اختيار گهرو وزارت کي ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي، وفاقي ڪابينا چونڊن ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ، اليڪشن ڪميشن ۾ سڌارن ۽ چونڊن ۾ بايوميٽرڪ سسٽم سميت ٽيڪنالاجي جي استعمال لاءِ سفارشون تيار ڪرڻ بابت ڪاميٽي قائم ڪرڻ جي منطوري به ڏني.جڏهن ته اعتراضن باوجود اٽي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ 3 لک ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، وفاقي ڪابينا گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي 50 لک گهر تعمير ڪري ڏيڻ جي حوالي سان هائوسنگ وزارت ۽ چيني ڪمپني وچ ۾ معاهدي تي صحيح ڪرڻ جي تجويز تي غور ملتوي ڪندي هدايت ڪئي وئي ته شفاف طريقيڪار جوڙي تجويز ڪابينا ۾ ٻيهر پيش ڪئي وڃي، ڪابينا اجلاس ۾ ٻارڙن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرري واري سمري لاڳاپيل وزارت واپس وٺي ڇڏي، وفاقي ڪابينا ٽيلي ڪميونيڪيشن ايڪٽ جي سيڪشن 27 اي تحت انفارميشن ٽيڪنالاجي سيڪريٽري کي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينا اي پي پي ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ايڪٽ ۾ ترميم جي به منظوري ڏني،

COMMENTS