سکر ۾ ماڪڙ مار آفيس ۾ ڪابه سهولت نه آهي. ٿڌ گھٽجڻ سان ماڪڙ جي حملن جا ٻيهر امڪان آهن. اهڙن خيالن جو اظهار پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻ ۽ آبادگار ا...
سکر ۾ ماڪڙ مار آفيس ۾ ڪابه سهولت نه آهي. ٿڌ گھٽجڻ سان ماڪڙ جي حملن جا ٻيهر امڪان آهن. اهڙن خيالن جو اظهار پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻ ۽ آبادگار الاهي بخش عرف انيل ڀٽي ڪوشان نيوز سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته سنڌ حڪومت ماڪڙ ۽ ڪتن جي مارڻ وارو زهر به کائي وئي آهي. سنڌ ۾ ماڪڙ مارڻ واري آفيس جو اڌ حصو قبضن هيٺ اچي ويو آهي. آفيس جي مک گيٽ ڀرسان دڪان قائم ٿي ويا آهن. زهريلي اسپري وارا گودام خالي آهن. آفيس ۾ سواءِ چوڪيدا جي ڪوبه عملو موجود ڪونهي.25 ايڪڙن جو پلاٽ ويران مشينري کان خالي نظر ٿو اچي. هن وقت ماڪڙ واري ۾ ايتري تعداد ۾ آنا لاهي چڪي آهي. جو گرمي اچڻ سان ان جا ٻچا نڪرندا. ۽ اهي فصلن تي حملا ڪندا سوين ايڪڙن تي بيٺل سرنهن جو فصل کائي تباهه ڪيو اٿس. سنڌ حڪومت هن وقت تائين هڪڙو جھاز به ماڪڙ مارڻ لاءِ خريد ناهي ڪيو. جيڪي جھاز آهن اهي صدر ايوب جي دور جا آهن. مسلسل سعودي عرب کي اسپري لاءِ ڏيڻ سبب پورا ٿي چڪا آهن. جھازن لاءِ پائليٽ ۽ تيل ڪونهي ڪو، ماڪڙ مار اسپري ڪونهي ڪو، ڪجهه وقت اڳ جيڪو اسپري ڪيو ويو ان ۾ زهريلي دوا نه پر رڳو گاسليٽ استعمال ڪيو ويو هو جنهن سبب ماڪڙ مري نه سگهي،

COMMENTS