روهڙي(رپورٽ فهد ميمڻ )لڳ بزنس ٽرين جي بوگي پٽڙيءَ تان لهي وئي ڊائون ٽريڪ متاثر،مسافر معجزاڻي طور محفوظ خبر موجب پنجاب کان ڪراچي ويندڙ بزنس ا...
روهڙي(رپورٽ فهد ميمڻ )لڳ بزنس ٽرين جي بوگي پٽڙيءَ تان لهي وئي ڊائون ٽريڪ متاثر،مسافر معجزاڻي طور محفوظ خبر موجب پنجاب کان ڪراچي ويندڙ بزنس ايڪسپريس ٽرين جي بوگي روهڙي ڀرسان پٽريءَ تان لهي وڃڻ جي نتيجي ۾ ڊائون ٽريڪ متاثر ٿيو آهي،واقعي جي اطلاع تي ريلوي جون ريسڪيو ٽيمون ۽ ريلوي عملي واقعي واري هنڌ پهچي ويو آهي انتظاميا موجب ٽريڪ متاثر ٿيڻ کانپوءِ ريل گاڏين کي مختلف اسٽيشنز تي روڪيو ويو آهي جڏهن ته حادثي ۾ ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو ڪجهه مسافرن کي معمولي زخم رسيا آهن انتظاميا موجب ٽريڪ جي بحاليءَ لاءِ ڪم جاري آهي
ان سلسلي ۾ مسافرن دانهيو آهي ته بزنس ٽرين پهرين به 2 ڀيرا خراب ٿي هئي خانيوال ۽ روهڙي ڀرسان ٽرين ۾ مسئلو ٿيو، پر ريلوي انتظاميا فني خرابي مڪمل طور ختم ڪرڻ بدران جُڳاڙ ڪري ٽرين کي اڳئين منزل ڏانهن روانو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽرين مختلف وقتن تي بيهجي وئي ۽ روهڙي لڳ ٽرين جي بوگي ويراني ۾ پٽڙي تان لهي وڃڻ سبب مسافرن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي هنن چيو ته ريلوي انتظاميا جي سنگين لاپرواهي جي نتيجي ۾ مسافرن کي خوف سان گڏ ڪيترين ئي پريشانين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي هنن ريلوي واري وفاقي وزير کان مطالبو ڪيو ته ريلوي انتظاميا جي لاپرواهي سبب مسافرن کي پهچندڙ پريشاني جو ازالو ڪري ريل ذريعي سفر ڪندڙ مسافرن کي تمام سفري سهولتون فراهم ڪيون وڃن

COMMENTS