اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ قيادت سنڌ ۾ اتحادين جي اعتراض تي آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي تبديليءَ وارو مامرو ڪابينا جي ايجنڊا مان خارج ڪر...
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ قيادت سنڌ ۾ اتحادين جي اعتراض تي آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي تبديليءَ وارو مامرو ڪابينا جي ايجنڊا مان خارج ڪري ڇڏيو. فردوس اعواڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار کان نوان نالا طلب ڪري چيو آهي ته اهڙو نالو ڏنو وڃي، جنهن تي سڀني جو اتفاق هجي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي مکيه ايجنڊائن ۾ آء جي سنڌ جي تبديليءَ وارو معاملو به شامل هو، پر ٿيل اجلاس ۾ ان کي ايجنڊا مان خارج ڪيو ويو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ سڌ سماءَ بابت وزيراعظم جي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته آءِ جي سنڌ جي مقرريءَ وارو واري معاملي کي ملتوي ڪيو ويو آهي.
هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ۾ ميمبرز اِن ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته آءِ جي سسنڌ جي مقرريءَ لاءِ سنڌ حڪومت طرفان تجويز ڪيل نالن تي سنڌ سان واسطو رکندڙ اتحادين کي اعتراض آهن، تنهن ڪري ان معاملي کي ايجنڊا مان خارج ڪيو ويو آهي، وزيراعظم جي خصوصي معاون جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار کان آءِ جي سنڌ لاءِ نوان نالا طلب ڪيا ويا آهن ته نئين آءِ جي لاءِ اهڙو نالو تجويز ڪيو وڃي، جنهن تي سڀني جو اتفاق هجي،

COMMENTS