سکر(رپورٽر) صوبائي وزير توانائي امتياز شيخ، ايس ايس پي شڪارپور کي قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو، قانوني نوٽيس ۾ هڪ ارب رپين جي حرجاڻي جي دعويٰ ڪئي...
سکر(رپورٽر) صوبائي وزير توانائي امتياز شيخ، ايس ايس پي شڪارپور کي قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو، قانوني نوٽيس ۾ هڪ ارب رپين جي حرجاڻي جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ايس ايس پي شڪارپور 14 ڏينهن جي اندر ميڊيا جي اڳيان ڪوڙا ۽ من گهڙت الزام هنيا، جن تي اُن کي معافي گهرڻ گهرجي، نوٽيس جي متن موجب عدالتي ڪارروائي شروع ڪئي ويندي، امتياز شيخ جي نوٽيس موجب ايس ايس پي شڪارپور مبينا من گهڙت ۽ ڪوڙي سيڪريٽ رپورٽ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ۾ جاري ڪري منهنجي ۽ منهنجي خاندان جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي سازش ڪئي آهي، منهنجو تعلق تعليم يافته ۽ باشعور گهراڻي سان آهي، آئون اڳوڻو بيورو ڪريٽ رهي چڪو آهيان ۽ اٺ کاتن جو سيڪريٽري ۽ اڳوڻي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري جي حيثيت ۾ فرض انجام ڏئي چڪو آهيان، ايس ايس پي طرفان مبينا سيڪريٽ رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪا به حقيقت ڪونهي، ايس ايس پي سياسي مخالفن سان گڏجي منهنجي سياسي ساک کي نقصان پهچائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان جي مقرري کانپوءِ امن امان جي صورتحال ڏينهو ڏينهن وڌيڪ بدتر ٿيندي پئي وڃي.

COMMENTS