سيوهڻ(رپورٽر) مبينا زيادتي واري ڪيس ۾ سول جج امتياز ڀٽو ۽ متاثر عورت سلميٰ بروهيءَ جا ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو، پوليس آفيسرن تي ٻڌل جاچ...
سيوهڻ(رپورٽر) مبينا زيادتي واري ڪيس ۾ سول جج امتياز ڀٽو ۽ متاثر عورت سلميٰ بروهيءَ جا ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو، پوليس آفيسرن تي ٻڌل جاچ ٽيم قائم، متاثر عورت کي شهدادڪوٽ جي جڊيشل مئجسٽريٽ ٽو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عورت مسمات سلميٰ بيان ڏيندي چيو ته هو رڳو پنهنجي چاچي ممتاز بروهي سان گڏ وڃڻ چاهي ٿي، جنهن بعد عدالت عورت کي چاچي سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ناري سان زيادتي ڪرڻ جي الزام هيٺ سول جج جو سومر تي ڊي اين اي ڪرايو ويندو، جنهن لاءِ ناري جي چاچي کي سومر ڏينهن کيس لمس اسپتال ڄامشوري پهچائڻ لاءِ پابند بڻايو ويو آهي. ٻئي طرف زيادتي ڪيس جي جاچ لاءِ ايس ايس پي ڄامشوري ٻن ڊي ايس پيز ۽ ٽن ايس ايڇ اوز تي جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا ناري ۽ سول جج جا ڊي اين اي ڪرائڻ سان گڏوگڏ واقعي جي مختلف رخن کان جاچ پڻ ڪندا،

COMMENTS