سکر( رپورٽر)سنڌ جي مڪاني ادارن واري کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاهه سول اسپتال سکر ۾ قائم ٿيندڙ نئين چلڊرن ايمرجنسي وارڊ جو دورو ڪيو ۽ علاج ...
سکر( رپورٽر)سنڌ جي مڪاني ادارن واري کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاهه سول اسپتال سکر ۾ قائم ٿيندڙ نئين چلڊرن ايمرجنسي وارڊ جو دورو ڪيو ۽ علاج هيٺ ٻارڙن جي عيادت ڪئي ۽ سندن والدين کان سهولتن بابت معلومات ورتي. اسپتال انتظاميه پاران صوبائي وزير کي نئين چلڊرين وارڊ بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت صحت جي شعبي ۾ بهتري ۽ علاج جي جديد طريقن کي اپنائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته چلڊرين ايمرجنسي وارڊ ۾ سموريون شيون ۽ سهولتون بهتر آهن. هن چيو ته هر ماڻهو کي سندن دروازن جي چانئٺ تي صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻ پيپزپارٽي جي بنيادي فرضن ۾ شامل آهي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سول اسپتال سکر جي نئين تعمير ٿيل چلڊرين ايمرجنسي وارڊ جو باضابطه افتتاح پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪندو.

COMMENTS