س بيورو رپورٽ) سکر ۾ ڪئنالن جي ڪپرن تان اٿاريل متاثر خاندانن جي بحالي لاءِ جوڙيل ري سيٽلمينٽ ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين، وائيس چانسلر سکر آءِ ب...
سبيورو رپورٽ)سکر ۾ ڪئنالن جي ڪپرن تان اٿاريل متاثر خاندانن جي بحالي لاءِ جوڙيل ري سيٽلمينٽ ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين، وائيس چانسلر سکر آءِ بي اي يونيورسٽي نثار احمد صديقيءَ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪُنڍي فارم ويجهو مختص ڪيل 200 ايڪڙ زمين تي پلاٽن جي الاٽمينٽ ۽ ٻي رٿابنديءَ لاءِ ڊرافٽ پاليسي ٺاهي ويندي، جنهن جي ذميواري ڊي سي سکر، رجسٽرار سکر آءِ بي اي، ميئر ۽ ٻين کي ڏني وئي. ڪمشنر سکر شفيق مهيسر چيو ته متاثرن کي ميرٽ تي ڪمپيوٽرائيزڊ پُکن ذريعي مرحليوار پلاٽ ڏنا ويندا، الاٽمينٽ جي عمل بابت پاليسي جوڙي ويندي. ڪميٽي جي چيئرمين نثار صديقي چيو ته ڪئنالن ڪناري حددخليون هٽائڻ واري جاءِ جي مالڪي ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن ٻيهر قبضا نه ٿي سگهن، اُن لاءِ بهتر پلاننگ سان ڪم ڪرڻو پوندو. ڪئنالن جي انسپيڪشن پاٿس سان گڏ ڪنڍي فارم واري ڪالوني کي گوگل ميپ تي آندو وڃي ۽ جديد ضرورتن ۽ معيارن مطابق ٽائون پلاننگ ڪئي وڃي، جنهن ۾ مسجد، پارڪ، اسڪول، اسپتال، ڊرينيج، واٽرسپلاءِ، بجلي ۽ ٻين سهولتن لاءِ به پلاننگ ڪئي وڃي. ڪئنالن جي انسپيڪشن پاٿ تي واڪنگ، جاگنگ ۽ سائيڪلنگ ٽريڪ به ٺاهيا وڃن، سولر پلانٽس لڳائي اڌ شهر کي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ پلاننگ ڪئي ويندي.ڪميٽي پاران آبپاشي کاتي کي ڪئنالن ڪناري ملبو کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي، جنهن تي ايس اي ايريگيشن سهيل بلوچ چيو ته حددخليون هٽڻ وارو ملبو کڻڻ لاءِ 90 ڏينهن لڳي ويندا جنهن لاءِ سرڪار کان فنڊ پڻ گهريا آهن. ڪمشنر شفيق مهيسر چيو ته ٻيهر حددخليون ٿيڻ کان روڪڻ، ملبو هٽائڻ سميت ٻين معاملن جي نظرداري لاءِ سب ڪميٽي جوڙي ويندي ۽ ماهوار اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي ويندي. ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وڏي وزير جي هدايتن تي ڪنڍي فارم وٽ 200 ايڪڙ زمين ڪئنال متاثرن لاءِ رکي وئي آهي، جنهن تي شهيد بينظيرڀٽو هائوسنگ سيل تحت اسڪيم تيار ڪئي پئي وڃي، جنهنڪري ڪميٽي ۾ بينظير هائوسنگ سيل جي نمائندي کي به شامل ڪيو ويندو. ري سيٽلمينٽ/الاٽمينٽ ڪميٽي جو اجلاس 15 ڏينهن بعد ٻيهر گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
COMMENTS