ڪراچي (رپورٽ رانا طفيل احمد) سنڌ سرڪار ريسٽورنٽس، هوٽلن، بيوٽي پارلر، هار سينگار ۽ صحت مرڪزن کي سيلز ٽئڪس ۾ رعايت ڏين جي منظوري ڏني آهي، وڏ...
ڪراچي (رپورٽ رانا طفيل احمد) سنڌ سرڪار ريسٽورنٽس، هوٽلن، بيوٽي پارلر، هار سينگار ۽ صحت مرڪزن کي سيلز ٽئڪس ۾ رعايت ڏين جي منظوري ڏني آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيرن، مشيرن، خصوصي معاونن چيف سيڪريٽري ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي حوالي سان 10 ميمبرز تي ٻڌل صوبائي ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا گهريلو ملازمن جي حوالي سان ميپنگ ڪندي ۽ ملازم رجسٽر ڪيا ويندا، جڏهن ته ان کانسواءِ ڪابينا پروبيشن آف ايمپلائيز آف چلڊرين رولز 2018ع جي به منظوري ڏني وئي، قانون موجب هر ملازم کي ٽن ڪلاڪن کانپوءِ وقفو ڏنو ويندو، جڏهن ته ملازم جي حوالي سان عمر جو سرٽيفڪيٽ به جاري ڪيو ويندو.
سنڌ ڪابينا موٽر وهيڪل آرڊيننس 1965ع ۾ به ترميمن جي منظوري ڏني آهي، جنهن موجب موٽر سائيڪلن ۾ ٽريڪرز لڳايا ويندا، اُن جو موقف موٽر سائيڪلن جي چوريءَ وارن ڏوهن کي روڪڻ آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت صوبي ۾ 44 لک موٽرسائيڪليون آهن ۽ ٽريڪرز لڳائڻ وارو قانون پُراڻين توڙي نين موٽر سائيڪلن لاءِ هڪجهڙو هوندو. سنڌ ڪابينا اربن اٿارٽي قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني جنهن کي سمورن شهرن جو ماسٽر پلان ٺاهڻ جو اختيار هوندو، اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه لوڪل گورنمينٽ ملازمن جي پگهارن وارو مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سمورو سسٽم ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو وڃي. جڏهن ته لوڪل ڪائونسلز ۾ مٿئين سطح جي ملازمن جي پگهارن واري نظام جي به آڊٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي،سنڌ ڪابينا سيلز ٽئڪس گهٽائڻ جي به منظوري ڏني آهي، جنهن تحت صوبي ۾ هوٽلن، موٽلن، ڪلبز، ريسٽورنٽس، هيلٿ سينٽرز، ڪاسميٽڪس، پلاسٽڪ سرجري، فيشن ڊزائين، سلمنگ ڪلنڪس ۽ بيوٽي پارلرز لاءِ سيلز ٽئڪس گهٽايو ويندو،
COMMENTS