گهوٽڪي(غلام رسول مھر)گهوٽڪي ۾ پ پ ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مهر جي کليل ڪچهري،عوام پاران شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا،پوليس جي ڏاڌ خلا...
گهوٽڪي(غلام رسول مھر)گهوٽڪي ۾ پ پ ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مهر جي کليل ڪچهري،عوام پاران شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا،پوليس جي ڏاڌ خلاف سوين شڪايتون پيش، گهوٽڪي ۾ پ پ اين ايم اي سردار محمد بخش مهر پاران " ضلعي جا مسئلا ۽ ان جو حل " جي عنوان هيٺ سرڪٽ ھائوس ۾ کليل ڪچهري جو پروگرام منعنقد ڪيو ويو جنهن ۾ پوليس,روينيو, تعليم,صحت ۽ بنيادي سهولتن ٻين مسئلن بابت عوام جي شڪايتن تي سندس چوڻ ھو ته پوري ضلعي اندر ڊولپمينٽ ۽ مقامي ماڻھن کي روزگار ۾ جوڳا حق نه ملڻ خلاف هو پورهيتن سان گڏجي هڪ هڪ فيڪٽري آڏو مطالبن جي مڃتا لاء ڌرڻو هڻندو جنهن ۾ سندس ڪوشش ھوندي ته پوري ضلعي قيادت کي به گڏ کڻي احتجاج ۾ شامل ڪرايون.سردار محمد بخش خان مهر چيو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ ھو تمام جلد مير بنگل خان مهر جي سهڪار سان اسپورٽس پروگرام منعقد ڪرائيندا جنهن ۾ رانديگرن کي وڏا انعام پڻ ڏنا ويندا.سندس چوڻ ھو ته ضلعي ۾ رهندڙ سڀني برادرين ۽ مذھبن جي ماڻھن کي برابري جي بنياد تي انصاف ۽ سهولتون ڏيڻ سندس.ضلعي انتظاميه ۽ حڪومت جي ذميواري آھي. تنهن ڪري ذميوار آفيسرن کي پنهنجو فرض پورو ڪرڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪرڻ گهرجي.هر شڪايت تي وارڌات واري هنڌ پهچي متاثرن کي انصاف ڏيڻ کپي.سردار محمد بخش خان مهر وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت اهل نوجوانن لاء مختلف کاتن ۾ نوڪريون ڏيڻ وڃي رهي آھي جنهن ڪري ضلعي جي نوجوانن کي مايوس ٿيڻ نه کپي.پارٽي جيالن جي شڪايتن تي هن چيو ته اجهو , لٽو ۽ لباس ڏيڻ پيپلز پارٽي جو مشن آھي, جيڪو رڳو جيالن لاء ئي نه پر سڀني لاء آھي. جنهن تي عمل ڪندي تمام جلد گهوٽڪي ۾ غريب ۽ بي پهچ ماڻھن لاء مفت گهر اسڪيم آندي ويندي جنهن تحت مستحق ماڻھن کي اجهو ڏنو ويندو.پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر شڪايتن تي بروقت کليل ڪچهري ۾ شامل ضلعي جي 42 آفيسرن کي هڪدم عمل ڪرڻ جا حڪم پڻ ڏنا آهن.ان موقعي تي سندس چوڻ ھو ته ضلعي اندر تباهه ٿيل اسڪولن,غير حاضر رهندڙ استادن يا استادن جي کوٽ بابت انگ اکر گڏ ڪرڻ ۽ سندس حوالي ڪرڻ جا حڪم پڻ ڏنا,جڏهن ته ضلعي اندر ڪم ڪندڙ کاتن کان سندن ڪارڪردگي رپورٽ پڻ گهري ورتي.ان موقعي تي سردار محمد بخش خان مهر جو چوڻ ھو ته جيڪي ڪم اڄوڪي کليل ڪچهري ۾ رهجي وڃن ته متاثر ماڻھو لاڳاپيل کاتن جي آفيسن ڏانهن ويندا رهن جيسيتائين سندن ڪم ٿي نه وڃن يا ڪنهن جو ڪم رهي ٿو ته پوء اهو ايندڙ کليل ڪچهري ۾ حل ڪيو ويندو.ياد رهي ته پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر جي هدايتن تي " ضلعي جا مسئلا ۽ ان جو حل " جي عنوان هيٺ هڪ کليل ڪچهري سرڪٽ ھائوس گهوٽڪي ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ايس ايس پي ڊاڪٽر فرخ لنجار،ڊي سي گهوٽڪي خالد سليم،ڊي سي پي شرف دين سومرو،سميت مختلف کاتن جي 42 ضلعي آفيسرن شرڪت ڪئي.
COMMENTS