$type=ticker$count=12$cols=4$cate=0

سکر ڊيويلپمنٽ الائنس پاران چيئرمين حاجي محمد جاويد ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، غربت، بک، افلاس جي خلاف گهنٽا گهر چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪئي ويئي،

سکر(يارمحمد سومرو) سکر ڊيويلپمنٽ الائنس پاران چيئرمين حاجي محمد جاويد ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، غربت، بک، افلاس جي...

سکر(يارمحمد سومرو) سکر ڊيويلپمنٽ الائنس پاران چيئرمين حاجي محمد جاويد ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، غربت، بک، افلاس جي خلاف گهنٽا گهر چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪئي ويئي، جنهن ۾ ايس ڊي اي ۾ شامل سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست، واپاري تنظيمن جا اڳواڻن مشرف محمود قادري، غلام مصطفي ڦلپوٽو، اشفاق حسين ڀٽي، محمد رضوان قادري، شاهه محمد انڍهڙ، عبدالستار راجپوت، بابو فاروقي، آغا طاهر مغل، حافظ شريف ڏاڏا، آغا محمد اڪرم دراني، عبدالباري انصاري، ظهير حسين ڀٽي، محمد منير ميمڻ، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، عمران شاه، امام الدين، عبدالحميد شيخ، وقار سومرو، عبيد شيخ، عتيق الله سومرو، راشد صديقي، توفيق ٻنڌاڻي، عيسي خان، علامه عبدالستار بروهي، نعيم بلوچ، اعظم خان، رئيس قريشي، محمد رفيق، خالد سومرو، عدنان انصاري، محمد عمير شاهه، ڪيلاش، حافظ نياز قادري، اسدالله ڦلپوٽو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مظاهرين غريبن کي جيئڻ ڏيو، مهانگائي، بيروزگاري جو خاتمو ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا پڻ هنيا. علامتي بک هڙتال جي موقعي تي ايس ڊي اي چيئرمين حاجي محمد جاويد ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري جي طوان عوام جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون آهن، غريب ماڻهو ٻه وقت ڇا هڪ وقت جي ماني حاصل ڪرڻ جي لاءِ به پريشان آهن، روزانو اٽي، کنڊ، دالين، سبزين سميت کاڌي پيتي جي ٻين شين جي اگهن ۾ اضافي جي ڪري غريب عوام خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. معاشي ترقي جي دعويدارن عوام کي بک بدحالي کان سواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو، حڪومت عوام کي اٽو، لٽو، اجهو، روزگار ڏيڻ جي بجاءِ عوام کان کائڻ جو آخري گرهه به کسي رهي آهي، اڄ اٽي کنڊ، سبزين سميت ٻين کاڌي پيتين جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهائي رهيا آهن ان جي باوجود حڪومت عوامي مسئلا حل ڪرڻ جي بجاءِ رڳو هڪ ٻئي کي هيٺيانهون ڏيکارڻ ۾ مصروف آهي جنهن کي عوامي مسئلن جي حل ۾ ڪا به دلچسپي ناهي، هنن جو چوڻ هو ته عوام پهريان ئي پنهنجي ٻارن جو پيٽ پالڻ جي لاءِ پريشان آهن ته مٿان حڪومت اٽي، کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڪري غريب عوام کي جيئرو دفن ڪرڻ تي لهي آئي آهي، ڊپٽي ڪمشنر کاتي پيتي جي شين جي اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي بجاءِ زباني جمع خرچ ڪرڻ ۾ مصروف آهن، جڏهن ته اڃ به عوام اٽو حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان نظر اچي رهيا آهن، هنن حڪومت ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مهانگائي، بيروزگاري، غربت کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻندي عاوم کي سسٽي اگهن تي کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون وڃن نه ته ٻئي صورت ۾ اسان پنهنجي احتجاج جو دائرو وڌائيندي حڪومتي نمائندن ۽ ضلعي آفيسرن جو گهيراءُ ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين، جنهن جي تمام تر ذميواري حڪومت ۽ انتظاميه تي عائد ٿيندي، آخر ۾ ملڪ مان غربت، مهانگائي، بيروزگاري  سميت ٻين وڌندڙ مسئلن جي خاتمي جي لاءِ دعا پڻ گهري ويئي،

COMMENTS

نام

بیکنگ نیوز,1,پنجاب,1,تنو رام,1,حیدرآباد,1,دانش عثمان غنی,2,سکھر,10,سندھ,4,کراچی,2,کرونا وائرس,5,ویب ڈیسک,2,Accessory,1,Adalpur,10,Adventure,2,America,1,Anti Corona,1,Arcade,1,Art,1,Automotive,2,Badeh,1,Balochistan,1,Bank,3,Baseball,3,Best Store,1,Bhiro,1,Board,2,Breakfast,3,Business,6,Car Accessory,2,Car Review,1,Card,1,Celebrity,2,Chef,1,Cholesterol,2,Choondko,1,Company,1,Cooking,2,Corona news,14,Corona virus information,43,Cover,1,dadu,9,Daharki,1,Dera Ismail Khan,1,Design,1,Digital Life,2,Dokri,1,Dunia,11,Economy,1,Education,3,Engine,1,Entertainment,1,Entrepreneur,1,Expert Advices,1,Extreme Award,4,Fan Club,2,Fashion,2,Financial,1,Fitness,3,Floor Plan,1,Food,5,Foodstuff,2,Fund,3,Gadap,1,gambat,4,Games,8,Geek Ideas,1,Ghotki,18,Golf,2,Hala,1,Health,1,Health Care,5,Healthy Eating,2,Heath,6,hyderabad,9,Inspiration,1,International,2,Investor,2,Islamabad,32,Jecobabad,3,jhol,1,Karachi,60,Karachi International,1,Karachi Subaai,4,Kashmor,4,Khairpur,1,Khanpur Mahar,8,Kherpur,17,Kumb,1,Lahore,15,Larkana,10,Lifestyle,3,Lighting,1,Love,2,Lunch,2,Madaijee,2,Malkaani Shareef,1,Medicine,2,Meerpur Mathelo,3,Military,1,Mirpurkhas,4,Moro,4,National,1,Nawabshah,2,Nutrition,3,Olympic,2,Pano Aqil,2,Photo Awards,1,Photography,1,Piryalo,1,pishawar,1,Politics,1,Prevention,3,Quetta,2,Ranipur,1,Recipe,2,Rohri,26,Role Playing,2,Rustum,1,Sale,2,Salehpat,5,Sanghar,2,Sehwan,2,shikarpur,3,Shooting Styles,1,Showbiz,5,Simulation,1,Society,1,Sports,5,Startup,1,Stock,2,Stylist,2,Subaai,33,Suk,1,Sukkur,174,Tando Mir hassan,1,Tangwani,1,Tech Review,2,Technology,3,Tennis,1,Thari Mirwah,3,Thikratho,1,Thul,1,Tone Set,2,Top Bet,1,Trend,2,Umer Kout,1,Unique,5,Unique news,2,Vaccines,1,wafaqi,30,Weather,1,Web desk,1,Weight Loss,1,Whatsapp,1,World,3,
rtl
item
Aashan Ashfaque: سکر ڊيويلپمنٽ الائنس پاران چيئرمين حاجي محمد جاويد ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، غربت، بک، افلاس جي خلاف گهنٽا گهر چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪئي ويئي،
سکر ڊيويلپمنٽ الائنس پاران چيئرمين حاجي محمد جاويد ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، غربت، بک، افلاس جي خلاف گهنٽا گهر چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪئي ويئي،
https://blogger.googleusercontent.com/img/b/R29vZ2xl/AVvXsEggxPVB86iNY-HBj3q1dRvcb6IarFkO-r6gh6yCSxqMDkJui5N_1PPFSopZgw7nHFiuqHWb_KmPCX1CKdoSMnh73CszhLcL0mOltrRX-QdK54zzmSUzuK0pdlb3mawz1uDUSh040mzGM7Mu/s320/IMG-20200123-WA0097.jpg
https://blogger.googleusercontent.com/img/b/R29vZ2xl/AVvXsEggxPVB86iNY-HBj3q1dRvcb6IarFkO-r6gh6yCSxqMDkJui5N_1PPFSopZgw7nHFiuqHWb_KmPCX1CKdoSMnh73CszhLcL0mOltrRX-QdK54zzmSUzuK0pdlb3mawz1uDUSh040mzGM7Mu/s72-c/IMG-20200123-WA0097.jpg
Aashan Ashfaque
https://aashanashfaquedemo.blogspot.com/2020/01/blog-post_84.html
https://aashanashfaquedemo.blogspot.com/
https://aashanashfaquedemo.blogspot.com/
https://aashanashfaquedemo.blogspot.com/2020/01/blog-post_84.html
true
8842448611334186341
UTF-8
Loaded All Posts Not found any posts VIEW ALL Readmore Reply Cancel reply Delete By Home PAGES POSTS View All RECOMMENDED FOR YOU LABEL ARCHIVE SEARCH ALL POSTS Not found any post match with your request Back Home Sunday Monday Tuesday Wednesday Thursday Friday Saturday Sun Mon Tue Wed Thu Fri Sat January February March April May June July August September October November December Jan Feb Mar Apr May Jun Jul Aug Sep Oct Nov Dec just now 1 minute ago $$1$$ minutes ago 1 hour ago $$1$$ hours ago Yesterday $$1$$ days ago $$1$$ weeks ago more than 5 weeks ago Followers Follow THIS PREMIUM CONTENT IS LOCKED STEP 1: Share to a social network STEP 2: Click the link on your social network Copy All Code Select All Code All codes were copied to your clipboard Can not copy the codes / texts, please press [CTRL]+[C] (or CMD+C with Mac) to copy