$type=ticker$count=12$cols=4$cate=0

ايم ڪيو ايم پاڪستان ٻيهر سنڌ کي ورهائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،

ڪراچي(بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم پاڪستان ٻيهر سنڌ کي ورهائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ...

ڪراچي(بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم پاڪستان ٻيهر سنڌ کي ورهائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪاميٽي جي اڳواڻ ڪنور نويد جميل چيو ته سنڌ سرڪار جو رويو تعصباڻو آهي، پ پ سرڪار صوبي ۾ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ بدران پاڻ تقسيم واري فارمولا تي هلي رهي آهي. هن چيو ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي خلاف ناهيون پر ڪراچي ۽ حيدرآباد جا جعلي ڊوميسائيل ٺهرائي نوڪريون ٻين کي ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته پهريان ڪوٽا سسٽم لاڳو ڪري شهرين کي نوڪرين، تعليم ۽ ٻين سهوليتن کان محروم ڪيو ويو، هاڻي وري ڪوڙا ڊوميسائيل ٺهرايا پيا وڃن. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي اهڙي تعصباڻي پاليسي سبب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن به تڪراري بڻجي وئي آهي. گذريل نتيجن ۾ به ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهندڙ اردو ۽ ٻين ٻولين واري شاگردن کي پاس نه ڪيو ويو. نتيجن کي لڪائڻ لاءِ اميدوارن جي نالن اڳيان سندن ذات به نه لکي وئي. جيئن حيدرآباد ۽ ڪراچي وارن جي خبر ئي نه پوي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا به اداري ۾ سائن بورڊن تي اردو لکڻ تي پابندي لڳائي چُڪي آهي. 11 سالن دوران پ پ پ ڪوبه تعليمي ۽ طبي ادارو نه جوڙي سگھي آهي. هاڻي ڪراچي جي آ بادي ٻيڻي ٿي وئي آهي. صرف هڪ ادارو لياري ۾ ٺاهيو ويو، جتي به پابندي لڳائي وئي. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ چيو ته اسان پنهنجي مرضي تحت پاڪستان آياسين، ڪراچي کي صوبو بڻائڻ واري صدر ايوب واري فيصلي کي به نه مڃيو. اسان ته ڪراچي کي صوبو بڻائڻ جو مطالبو ئي نه ڪيو هو ۽ هاڻي ڪراچي ۽ حيدرآباد وارن کي سزا ڏني پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ستين ڪلاس جي سماجي اڀياس ۾ بينظير ڀٽو جي تصوير لڳائي وئي. بينظير قابلِ احترام آهي پر تعليم کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي. هن چيو ته اسان جي ٻارن کي غلط تاريخ پڙهائي پئي وڃي. هڪ ڪتاب ۾ ڪراچي ۾ رهندڙ آبادي کي غيررسمي آبادي لکيو ويو. ڪتاب ۾ ڄاڻايو ويو ته 12 لک آبادي بنگلاديش مان ڀڄي آئي. هن چيو ته هُتي توهان ۽ هِتي اسان جو نعرو پيپلز پارٽي ئي لڳايو آهي. ان نعري تي لکين ماڻهن جانين جو نذرانو ڏنو. جنهن بعد بنگلاديش مان ماڻهو هتي پهتا. هن چيو ته بنگالين کي پناهگير ۽ فرار ٿي آيل سڏڻ واري عمل جي مذمت ڪيون ٿا. بنگالين کي ٻڌايون ٿا ته هُو رستن تي نڪري اچن ۽ احتجاج ڪن. هن چيو ته ارڙهين ترميم جي اها مهرباني آهي ته ڪتاب ۾ بينظير ڀٽو جي تصوير ته آهي پر قائد اعظم ۽ علامه اقبال جي تصوير ناهي. ان ترميم جي بنياد تي پاڪستان ورهائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. اسان کي سنڌ صوبي جي ورهاست گھرجي. اهو مطالبو جاري رهندو،

COMMENTS

نام

بیکنگ نیوز,1,پنجاب,1,تنو رام,1,حیدرآباد,1,دانش عثمان غنی,2,سکھر,10,سندھ,4,کراچی,2,کرونا وائرس,5,ویب ڈیسک,2,Accessory,1,Adalpur,10,Adventure,2,America,1,Anti Corona,1,Arcade,1,Art,1,Automotive,2,Badeh,1,Balochistan,1,Bank,3,Baseball,3,Best Store,1,Bhiro,1,Board,2,Breakfast,3,Business,6,Car Accessory,2,Car Review,1,Card,1,Celebrity,2,Chef,1,Cholesterol,2,Choondko,1,Company,1,Cooking,2,Corona news,14,Corona virus information,43,Cover,1,dadu,9,Daharki,1,Dera Ismail Khan,1,Design,1,Digital Life,2,Dokri,1,Dunia,11,Economy,1,Education,3,Engine,1,Entertainment,1,Entrepreneur,1,Expert Advices,1,Extreme Award,4,Fan Club,2,Fashion,2,Financial,1,Fitness,3,Floor Plan,1,Food,5,Foodstuff,2,Fund,3,Gadap,1,gambat,4,Games,8,Geek Ideas,1,Ghotki,18,Golf,2,Hala,1,Health,1,Health Care,5,Healthy Eating,2,Heath,6,hyderabad,9,Inspiration,1,International,2,Investor,2,Islamabad,32,Jecobabad,3,jhol,1,Karachi,60,Karachi International,1,Karachi Subaai,4,Kashmor,4,Khairpur,1,Khanpur Mahar,8,Kherpur,17,Kumb,1,Lahore,15,Larkana,10,Lifestyle,3,Lighting,1,Love,2,Lunch,2,Madaijee,2,Malkaani Shareef,1,Medicine,2,Meerpur Mathelo,3,Military,1,Mirpurkhas,4,Moro,4,National,1,Nawabshah,2,Nutrition,3,Olympic,2,Pano Aqil,2,Photo Awards,1,Photography,1,Piryalo,1,pishawar,1,Politics,1,Prevention,3,Quetta,2,Ranipur,1,Recipe,2,Rohri,26,Role Playing,2,Rustum,1,Sale,2,Salehpat,5,Sanghar,2,Sehwan,2,shikarpur,3,Shooting Styles,1,Showbiz,5,Simulation,1,Society,1,Sports,5,Startup,1,Stock,2,Stylist,2,Subaai,33,Suk,1,Sukkur,174,Tando Mir hassan,1,Tangwani,1,Tech Review,2,Technology,3,Tennis,1,Thari Mirwah,3,Thikratho,1,Thul,1,Tone Set,2,Top Bet,1,Trend,2,Umer Kout,1,Unique,5,Unique news,2,Vaccines,1,wafaqi,30,Weather,1,Web desk,1,Weight Loss,1,Whatsapp,1,World,3,
rtl
item
Aashan Ashfaque: ايم ڪيو ايم پاڪستان ٻيهر سنڌ کي ورهائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،
ايم ڪيو ايم پاڪستان ٻيهر سنڌ کي ورهائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،
Aashan Ashfaque
https://aashanashfaquedemo.blogspot.com/2020/01/blog-post_86.html
https://aashanashfaquedemo.blogspot.com/
https://aashanashfaquedemo.blogspot.com/
https://aashanashfaquedemo.blogspot.com/2020/01/blog-post_86.html
true
8842448611334186341
UTF-8
Loaded All Posts Not found any posts VIEW ALL Readmore Reply Cancel reply Delete By Home PAGES POSTS View All RECOMMENDED FOR YOU LABEL ARCHIVE SEARCH ALL POSTS Not found any post match with your request Back Home Sunday Monday Tuesday Wednesday Thursday Friday Saturday Sun Mon Tue Wed Thu Fri Sat January February March April May June July August September October November December Jan Feb Mar Apr May Jun Jul Aug Sep Oct Nov Dec just now 1 minute ago $$1$$ minutes ago 1 hour ago $$1$$ hours ago Yesterday $$1$$ days ago $$1$$ weeks ago more than 5 weeks ago Followers Follow THIS PREMIUM CONTENT IS LOCKED STEP 1: Share to a social network STEP 2: Click the link on your social network Copy All Code Select All Code All codes were copied to your clipboard Can not copy the codes / texts, please press [CTRL]+[C] (or CMD+C with Mac) to copy