روهڙي(رپورٽ : راجا رياض ميمڻ) رور سائيڊ ڊولپمنٽ آرگنائزيشن جي پروگرام ڪوآرڊينيٽر جي آفرين ڪنول،مهناز اعواڻ،نازيه ۽ ٻين چيو آهي ته اسان نهاي...
روهڙي(رپورٽ : راجا رياض ميمڻ) رور سائيڊ ڊولپمنٽ آرگنائزيشن جي پروگرام ڪوآرڊينيٽر جي آفرين ڪنول،مهناز اعواڻ،نازيه ۽ ٻين چيو آهي ته اسان نهايت شڪر گذار آهيون هيومن رائٽس پروٽيڪشن فورم جي جي ٽيم ۾ شامل ايڊوڪيٽ الاهي بخش ميتلو،آپا زبيده گهانگهرو،عبدالخالق مڱريو،امن جليل رڪ سميت سموري اڳواڻن جا جن اسان جي گذارش تي ڳوٺ غلام رسول عمراڻي جي سوين متاثرن ۾ امدادي سامان ورهايو هنن چيو ته اسان متاثرن جي سهائتا لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون جنهن سلسلي ۾ مختلف سماجي تنظيمن سان رابطو هلي رهيو آهي ته جيئن بي گهر ٿيل ماڻهن جي ڪجهه مدد ٿي سگهي هنن ٻڌايو ته ڄاڻايل ڳوٺ جي ٻارڙن کي رور سائيڊ ڊولپمنٽ آرگنائزيشن (آر،ڊِي،او) جي روهڙي ۾ قائم ڪيل اسڪول ۾ مفت معياري تعليم ڏئي رهيا هئا سين پر انتظاميا پاران ڪئنالن لڳ حد دخلين خلاف ڪيل آپريشن جي نتيجي ۾ سوين ماڻهو بي گهر ٿيڻ بعد حڪومتي سطح تي سهائتا نه ٿيڻ ڪري مختلف علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن جنهن ڪري سوين ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي هنن چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته هتان ٻين علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري ويل خاندانن تائين پهچي سگهون جيئن انهن جي ٻارڙن جي تعليم جاري رهي سگهي

COMMENTS