اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان شيخ رشيد ۽ سيڪريٽري ريلوي کي سڀاڻي طلب ڪندي چيو آهي ته ريلوي کاتو رڳو سياست ۾ پورو آهي، سپريم...
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان شيخ رشيد ۽ سيڪريٽري ريلوي کي سڀاڻي طلب ڪندي چيو آهي ته ريلوي کاتو رڳو سياست ۾ پورو آهي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ ريلوي کاتي ۾ خساري جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ريلوي جي حوالي سان پيش ٿيل آڊٽ رپورٽ تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي وفاقي وزير شيخ رشيد، سيڪريٽري ريلوي ۽ سي اي او ريلوي کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي، ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته رپورٽ ۾ واضح ٿيو آهي ته ريلوي کاتي ۾ اربين رپين جو خسارو آهي، چيف جسٽس گلزاد احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته دنيا بلٽ ٽڙين هلائي اڳتي وڌي رهي آهي، جنهن کي ريلوي جي وزارت گهربل آهي، اُن کي پاڻ کي پهرين ٽرين ۾ سفر ڪرڻو هوندو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ريلوي جو سمورو کاتو سياست ۾ رڌل آهي، روز حڪومتون ٺهرائي ۽ ڊهرائي رهيو آهي. اُهو ته پنهنجي وزارت به نٿو سنڀالي سگهي.

COMMENTS