اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پاران ٽن صوبن جي رد ڪيل تڪراري ڪالاباغ ڊيم ۽ اکوڙي ڊيم جي تعمير جو ڪم جاري هجڻ جو انڪش...
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پاران ٽن صوبن جي رد ڪيل تڪراري ڪالاباغ ڊيم ۽ اکوڙي ڊيم جي تعمير جو ڪم جاري هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ سينيٽ اجلاس ۾ پاڻي جي معاملي تي وفاقي وزير فيصل واوڊا جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق جي سوال جو جواب ڏيندي سينيٽ جي ايوان کي ٻڌايو ته آبادي جي وڌڻ، زير زمين پاڻي ذخيرن ۾ گهٽتائي ۽ جر مان وڏي مقدار ۾ پاڻي ڪڍڻ جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ زير زمين پاڻي ۾ تيزي سان گهٽتائي ٿي رهي آهي. هن چيو ته زمين ۾ موجود پاڻي ۽ بارشون زير زمين پاڻي جي سطح کي بهتر بنائڻ جو واحد ذريعو آهن، ان ڪري جن علائقن ۾ زير زمين پاڻي گهٽ آهي انهن علائقن کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ اضافي ڊيمن جي ضرورت آهي، ٻوڏ جي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ ۽ ان پاڻي کي استعمال ڪرڻ لاءِ واپڊا پاران جامع منصوبو تيار ڪيو ويو آهي، وفاقي وزير چيو ته واپڊا منگلا ڊيم ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت ۾ 2.88 ايم اي ايف، گوملزم ڊيم ۾ 0.899 ايم اي ايف، ستپارا ڊيم ۾ 0.053 ايم اي ايف، دراوڙ ڊيم 0.089 ايم اي ايف ذخيرو ڪرڻ جا منصوبا مڪمل ڪيا آهن، جڏهن ته 6.4 ايم اي ايف پاڻي ذخير ڪرڻ لاءِ ديامير ڀاشا ڊيم، 0.676 ايم اي ايف پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ منڊا ڊيم ۽ 0.16 ايم اي ايف پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ نئين گاج ڊيم عملدرآمد جي مرحلي ۾ آهن، جڏهن ته فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ واپڊا رٿابندي ڪري رهيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم، 2.0 ايم اي ايف پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ بيراج تعمير ڪرڻ جي منصوبن تي واپڊا پاران رٿابندي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي عتيق شيخ جي سوال جو لکت ۾ جواب ڏيندي پاڻي مامرن جي وفاقي وزير فيصل واوڊا سينيٽ جي ايوان کي ٻڌايو ته ساليانو انڊس بيسن ۾ 144 ايم اي ايف پاڻي جي دستيابي آهي، جڏهن ته تربيلا، منگلا ۽ چشما ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جي موجوده گنجائش لڳ ڀڳ 14 ايم اي ايف آهي، اهو ذخيرو عالمي طور تي 40 سيڪڙو ذخيري جي مقابلي ۾ رڳو 10 سيڪڙو آهي، پاڻي گهٽ ذخيرو ڪرڻ جا سبب ڊيمن ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جي گهٽ اهليت آهي، موجود ڊيمن ۾ مٽي ڀرجي وڃڻ سبب انهن ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جي 4.963 ايم اي ايف اهليت گهٽجي چڪي آهي، هن چيو ته ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ سمنڊ ۾ هر سال 28 ايم اي ايف پاڻي وڃي ٿو، جيڪو عالمي پاڻي ماهرن جي پينل پاران ڊائون اسٽريم لاءِ سفارش ڪيل 8.6 ايم اي ايف جي ابتڙ آهي، ڊيم نه هجڻ ڪري اضافي پاڻي گڏ نه ٿا ڪري سگهون، جنهن ڪري اهو سمنڊ ۾ ڇڏيو وڃي ٿو،
جنهن تحت سنڌ بيراج، ڪالاباغ ڊيم، اکوڙي ڊيم سوڌو مختلف ڊيمن کي تعمير ڪرڻ جي به منصوبه بندي ڪئي وئي آهي ته جيئن ملڪ ۾ پاڻي کوٽ جي مسئلي کي حل ڪيو وڃي، هن چيو ته سنڌ بيراج جي فزيبلٽي اسٽڊي جي حوالي سان پي سي ٽو جي منظوري ڊي ڊي ڊبليو پي پاران ڏني وئي هئي، انتظامي منظوري جاري ٿيڻ تي فزيبلٽي اسٽيڊي جي شروعات ڪئي وئي آهي، سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت ۾ 23 آگسٽ 2019ع تي ٿيل اجلاس ۾ اهو اتفاق سان فيصلو ڪيو ويو هو ته سنڌ بيراج جي فزيبلٽي اسٽيڊي ۽ منصوبي تي عملدرآمد جو ڪم واپڊا پاران ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت جي سفارش تي منصوبي جي جائزي لاءِ اسٽيڪ هولڊرن جي هڪ ٽيڪنيڪل ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي.

COMMENTS