سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪاغذ نه پهچڻ سبب ملتوي ٿي وئي آه...
سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪاغذ نه پهچڻ سبب ملتوي ٿي وئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ۾ نيب هٿان گرفتار پ پ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي، عدالت هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان دستاويز نه پهچڻ سبب 29 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ان دوران عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه جي وڪيل چيو ته هُنن سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي هئي، جيڪا سرڪٽ بئنچ سکر منتقل ٿي آهي. واضع رهي ته خورشيد شاهه چئن مهينن کان نيب جي حراست ۾ آهي. ان کان اڳ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس ذوالفقار سانگي طرفان درخواست تي ٻڌڻي ڪرڻ کان معذرت ڪئي هئي، ۽ هاڻي 29 جنوري تي جسٽس عزيز الرحمٰن ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل اسپيشل بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.

COMMENTS