نئين دهلي: ڀارتي گادي واري هنڌ نئين دهلي ۾ شهريت جي تڪراري قانون جي خلاف احتجاج دوران هنگامن ۾ مارجي ويلن جي تعداد 11 ٿي وئي آهي. ڀارتي حڪوم...
نئين دهلي: ڀارتي گادي واري هنڌ نئين دهلي ۾ شهريت جي تڪراري قانون جي خلاف احتجاج دوران هنگامن ۾ مارجي ويلن جي تعداد 11 ٿي وئي آهي.
ڀارتي حڪومت شهريت جي تڪراري قانون جي خلاف احتجاج ڪندڙن کي قابو ۾ رکڻ جي لاءِ دهلي جي اترين ۽ اڀرندي علائقي کي فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جتي پيرا ملٽري فورسز جي 35 ڪمپنين کي مقرر ڪيو ويو آهي.
علائقي ۾ اسپيشل سيل، ڪرائيم برانچ ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مقامي پوليس جي اضافي نفري به طلب ڪئي وئي آهي.
نئين دهلي جي اترين ۽ اڀرندي علائقن ۾ آچر کان جاري هنگامن ۾ مارجي ويلن ۽ زخمين جي تعداد ۾ اضافو ٿي ويو آهي.
نئين دهلي پوليس جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته پُرتشدد واقعن ۾ هن وقت تائين 11 ڄڻا مارجي چڪا آهن.
نئين دهلي جي گروتيج بهادر اسپتال جي اختيارين تصديق ڪئي آهي ته هنگامن ۾ 9 ڄڻا مارجي چڪا آهن، جن ۾ پوليس اهلڪار رتن لال به شامل آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب اترين ۽ اڀرندي علائقن ۾ پُرتشدد واقعن ۾ نيم فوجي دستن ۽ پوليس جي ڪيترن ئي اهلڪارن سميت 135 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.
گروتيج بهادر اسپتال جي اختيارين ٻڌايو ته اسپتال ۾ 31 ماڻهن کي آندو ويو جن ۾ مان 10 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب موج پورا ۽ بابر پورا جي علائقن ۾ پرتشدد احتجاج جاري آهي، جڏهن ته فائربرگيڊ جي عملي کي بهجن پورا جي علائقي مان باهه لڳڻ واريون 45 ڪالون موصول ٿيون آهن.

COMMENTS