روهڙي(رپورٽر) سيپڪو صالح پٽ جي عملدارن جون ڳوٺن ۾ من مستيون ختم نه ٿيون، رشوت نه ڏيڻ تي ڪيترن ئي ڳوٺن جون 11 هزار ڪيوي لائين ڪاٽا، باقائدي س...
روهڙي(رپورٽر) سيپڪو صالح پٽ جي عملدارن جون ڳوٺن ۾ من مستيون ختم نه ٿيون، رشوت نه ڏيڻ تي ڪيترن ئي ڳوٺن جون 11 هزار ڪيوي لائين ڪاٽا، باقائدي سان بل ڀريندڙ صارفين به اونداهي ۾ راتيون گذارڻ لڳا، ايس ڊي او ملازمن سميت پرائيوٽ ماڻهو منٿلي اوڳاڙي لاء مقرر ڪري ڇڏيا، سيپڪو جي اعليٰ آفيسرن تائين اوڳاڙيل رشوت پهچڻ جو انڪشاف، متاثر ڳوٺاڻن جون ميڊيا آڏو داهون واپڊا چيئرمين کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل، بل نه ڀرڻ سبب انهن ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي آهي ايس ڊي او سيپڪو جميل احمد چنه، تفصيل موجب آر ڊي 186 لڳ ڳوٺ محبت علي شنباڻي جي رهواسين جاويد حسين شنباڻي، جان محمد ڀنڀرو، جاڳڻ خان چاڪراڻي، بکر علي شنباڻي ۽ بهادر علي شنباڻي جن ميڊيا آڏو داهيندي ٻڌايو ته بجلي جا بل ڀرڻ باوجود ايس ڊي او سيپڪو صالح پٽ جي چوڻ تي لائين مين حفيظ ڀٽو اسان جي ڳوٺ جي بجلي ڪاٽا ڪري ڇڏي آهي جنهن ڪري پريشاني واري حالت ۾ سيپڪو آفيسن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر سيپڪو جي اختيارين کي ڪو به رحم نٿو پوي، هنن الزام هڻندي چيو ته صالح پٽ تعلقي مان هر مهيني اوڳاڙي ڪيل لکين روپيا رشوت مان سيپڪو جي هيٺين ملازمن کان ويندي سکر ۾ سيپڪو جي اهم عهدن تي ويٺل آفيسرن تائين ونڊ ورهاست ڪئي وڃي ٿي جنهن ڪري اسان غريبن جي ڪوبه ٻڌڻ وارو ناهي، ٻئي طرف ڳوٺ وڏي پٽڻي جي رهواسي ڪبير احمد ڊنڊڻ به سيپڪو صالح پٽ جي ايس ڊي او ۽ ٻين ملازمن خلاف داهيندي ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ اٽي جي چڪي آهي جنهن مان گذر سفر ڪرڻ سميت سيپڪو کي هزارين روپيه بل جي مد ۾ هر مهيني ادا ڪندو آهيان پر پٽڻي شهر ۾ گهريلو صارفين سان ڏيتي ليتي ماملي تي هلندڙ ڇڪتاڻ سبب گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان 11 هزار لائين ڪاٽا ڪري بيروزگار ڪيو ويو آهي، هنن وابڊا جي چيئرمين سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته صالح پٽ ۾ سيپڪو عملدارن پاران صارفين سان ڪيل زيادتن جو نوٽيس وٺي ڪرپشن ۾ ملوث عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري ڳوٺن ۾ بجلي بحال ڪئي وڃي، جڏهن ته فون تي رابطو ڪرڻ تي ايس ڊي او سيپڪو صالح پٽ جميل احمد چنه جو چوڻ هو ته نان پئمينٽ سبب انهن ڳوٺن جي بجلي ڪاٽا ڪئي آهي،
COMMENTS