ڀڙو(رپورٽ غلام شبير مڱريو) تعلقي روهڙي جي يونين ڪائونسل سنڱرار جي ڳوٺ مريد منڱريو ۾ رهواسين کي شهر طرف ويندڙ رستي تي روڊ جي سهولت سميت وڌند...
ڀڙو(رپورٽ غلام شبير مڱريو) تعلقي روهڙي جي يونين ڪائونسل سنڱرار جي ڳوٺ مريد منڱريو ۾ رهواسين کي شهر طرف ويندڙ رستي تي روڊ جي سهولت سميت وڌندڙ مانگائي، بجلي جا ڳرا بل ۽ 15 ڪلاڪن تائين اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ، پوکيل فصلن تي ماڪڙ جا حملا، اسڪول ۾ ڦرنيچر ۽ استادن جي کوٽ، ڳوٺ ۾ ڊرينيج سسٽم جو نه هجڻ صحت جون سهولتون اڻ لڀ ته وري پڙهيل لکيل نوجوان نوڪرين کان محروم آهن، جنهن ڪري رهواسي اذيتن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن پر منتخب نمائندن سميت ڪامورن کي ان طرف ڪوبه ڌيان ناهي، سهولتن کان محروم ڳوٺاڻن تڪ ۾ منتخب پ پ پ اڳواڻ ۽ ايم پي اي سيد اويس قادر شاه سميت پي ٽي آء سرڪار کان گهر ڪئي آهي ته ڳوٺ مريد مڱريو جي شهر طرف ويندڙ سڙڪ کي پڪو ڪري روڊ تعمير ڪرائي ڏنو وڃي، ته جيئن مون سون جي امڪاني برساتن ۾ رستي تي مينهن جي بيهندڙ پاڻي سبب رستو بند ٿيڻ ڪري رهواسين کي پيش ايندڙ ڏکيائون ختم ٿين، ۽ ان کان علاوه صحت صفائي سميت ٻين بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاء تحرڪ ورتو وڃي،



COMMENTS