سيوهڻ شريف =- رپورٽ سيوهڻ شريف ۾ سانحو 16 فبروري 2017 جي شھيدن جي ياد ۾ ٽين ورثي ۾ شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء شيعه علماء ڪائونسل پاڪستان جي ...
سيوهڻ شريف =- رپورٽ سيوهڻ شريف ۾ سانحو 16 فبروري 2017 جي شھيدن جي ياد ۾ ٽين ورثي ۾ شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء شيعه علماء ڪائونسل پاڪستان جي طرفان قلندر لعل شھباز جي مزار تي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو.
تفصيل موجب سيوهڻ سانحو بم ڌماڪو 16 فبروري 2017 جي شھيدن جي ياد ۾ شيعه علماء ڪائونسل پاڪستان جي طرفان سانحي جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء هڪ ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ مقررن خطاب ڪندي چيو ته هن ڏينهن تي ظالم السلام دشمن سيوهڻ حضرت قلندر لعل شھباز جي مزار تي بم ڌماڪو ڪري ڪئين قلندر لعل جا پانڌيئڙا شھيد ڪيا هيا پر ان جي باوجود زائرين ۾ قلندر لعل شھباز جي عشق ۽ عقيدت ۾ ڪابه ڪمي نه آئي بلڪي ڏينهون ڏينهن زائرينن ۾ قلندر لعل شھباز سان عشق ۽ محبت جو جذبو وڌندو رهيو اڄ به لکن جي تعداد ۾ پانڌيئڙا قلندر لعل شھباز جي مزار تي حاضري ڏئي دل جو سڪون ۽ فيض حاصل ڪن ٿا ۽ اهو سلسلو نه ڪڏھن رڪيو آ ۽ نه ئي ڪڏھن رڪندو .جڏھن ته السلام دشمن قوتون پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ مڪمل طور ناڪام ٿيون آھن . وڌيڪ خطاب ۾ مقررين حڪومت وقت کان مطالبو ڪيو ته16 فبروري 2017 بم ڌماڪي ۾ ملوث دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي .

COMMENTS