بيجنگ (ڊيسڪ رپورٽ) چين جي سرڪاري انگن اکرن موجب ڪورونا يا ڪووڊ-19 نالي وائرس جي ڪري فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، ٻئي پاسي جاپان ...
بيجنگ (ڊيسڪ رپورٽ) چين جي سرڪاري انگن اکرن موجب ڪورونا يا ڪووڊ-19 نالي وائرس جي ڪري فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، ٻئي پاسي جاپان ۾ لنگرانداز اُن مسافر بردار بحري جهاز مان مسافرن کي لاهڻ جو سلسلو شروع ڪيوويو آهي جيڪو اُتي اهو وائرس پکڙجڻ بعد ٻن هفتن جي لاءِ قرنطينه ۾ رکيا ويا هئا، ڊائمنڊ پرنس نالي اُن بحري جهاز تي سوار 542 مسافر ۽ عملي جا ميمبر ان وائرس سبب متاثر ٿيا آهن ۽ هي چين کان ٻاهر هڪ جاءِ تي ان جي متاثر ماڻهن جو سڀ کان وڌيڪ انگ آهي، چين جي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، چين کانسواءِ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به 700 ماڻهو ان وائس سبب متاثر ٿيا آهن، هانگ ڪانگ ۾ وائرس سبب ٻه ماڻهو فوت ٿيڻ بابت ٻڌايو ويو، جڏهن ته فرانس، جاپان، فلپائن ۽ تائيوان ۾ به هڪ هڪ ماڻهو فوت ٿيو آهي.

COMMENTS