اسلام آباد (م،ڊ) احتساب عدالت(ن) ليگي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 21 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي نيب طرفان جوابدار شاهد اسلام با...
اسلام آباد (م،ڊ) احتساب عدالت(ن) ليگي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 21 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي نيب طرفان جوابدار شاهد اسلام بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي جنهن بعد شاهد خاقان عباسي کي ايل اين جي ڪيس ۾ پيشي لاءِ اسلام آباد جي احتساب عدالت آندو ويو احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ دوران هن صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي حڪومت مٿان تنقيد ڪندي چيو ته عوام پريشان نه ٿئي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو هن چيو ته حڪومت اڄ کان نه پر جڏهن کان آئي آهي تڏهن کان ئي ناڪام آهي پاڪستاني عوام جا روزانو 2 ارب روپيه هڙپ ڪيا پيا وڃن هن سوال اٿاريو ته عمران خان ۽ عثمان بوزدار ٻڌائين ته عوام کي ڪير ڦري رهيو آهي شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪمران عوام کي رليف ڏيڻ بدران عوام کي ڦري رهيا آهن عوام جا پئسا اي ٽي ايم کائي وئي مهانگائي تي ڪوبه پڇڻ واو ناهي هن چيو ته حڪومت ڪڏهن جو ختم ٿي چڪي آهي صرف هڪ جنازو رکيل آهي جڏهن مرضي ٿئي پڙهي وٺو هن وڌيڪ چيو ته عوام تبديلي جا اثر پاڻ ڏسي ورتا آهن ۽ عوام حڪمرانن مان مايوس ٿي چڪو آهي

COMMENTS