روهڙي(رپورٽ راجا رياض ميمڻ) روهڙي لڳ ڳوٺ جاڙي ماءُ وٽ ريلوي جي بغير دروازن واري ڦاٽڪ تان ڪراسنگ دوران ٽرين جو ڪوچ کي ٽڪر ڪوچ ۾ سوار 23 مساف...
روهڙي(رپورٽ راجا رياض ميمڻ) روهڙي لڳ ڳوٺ جاڙي ماءُ وٽ ريلوي جي بغير دروازن واري ڦاٽڪ تان ڪراسنگ دوران ٽرين جو ڪوچ کي ٽڪر ڪوچ ۾ سوار 23 مسافر فوت 15 کان وڌيڪ زخمي، تفصيل موجب نيشنل هائيوي روهڙي بائي پاس تي ريلوي لائين مٿان قائم اوور هيڊ برج تي ٽريفڪ جام هجڻ سبب پنجاب کان ڪراچي طرف ويندڙ مسافر ڪوچ جي ڊرائيور پاران ڳوٺ جاڙي وٽان بغير دروازن واري ريلوي ڦاٽڪ تان ڪوچ ڪراس ڪري رهيو هو ته ڪراچي کان روهڙي طرف ويندڙ ٽرين پاڪستان ايڪسپريس ڪوچ کي زوردار ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪوچ ٽرين جي هيٺان اچي وئي ۽ ڪوچ ۾ سوار 23 مسافر اجل جو شڪار ٿيا جڏهن ته 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، ٽرين جو ڪوچ کي ٽڪر لڳڻ سبب مسافرن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا موقعي تي مقامي ڳوٺاڻن ۽ انتظاميه حادثي ۾ فوت ٿيل مرد توڙي عورتن ۽ ننڍن ٻارن جي لاشن ۽ زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيلٿ کاتي جي ايمبوليسز ۽ ايڌي ايمبولينسز ذريعي تعلقه اسپتال روهڙي ۽ سکر جي اسپتالن ۾ پهچايو، جڏهن ته حادثي جي خبر ٻڌندي ئي صوبائي وزير اويس قادر شاه موقعي تي پهتو، جنهن امدادي ڪاروائين جي پڻ نگراني ڪئي،

COMMENTS