سکر(بيورو رپورٽ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ ستين ڪانووڪيشن دوران 235 ماسٽرس ۽ گريجوئيٽس کي تعليم پوري ڪرڻ تي...
سکر(بيورو رپورٽ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ ستين ڪانووڪيشن دوران 235 ماسٽرس ۽ گريجوئيٽس کي تعليم پوري ڪرڻ تي ڊگريون ڏيڻ کانپوءِ خطاب ڪندي چيو آهي ته سکر آءِ بي اي مان تعليم پرائيندڙ صوبي ۽ ملڪ جو مستقبل آهن، اُميد ته هو دُنيا مان وڌيڪ تعليم ۽ اسڪلز حاصل ڪري پنهنجي وطن ۾ واپس اچي پنهنجن ماروئڙن جي خدمت ڪندا ۽ پنهنجن والدين، استادن ۽ ساٿين کي مايوس نه ڪندا. سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جو ستون ڪانووڪيشن مکيه آڊيٽوريم هال ۾ ٿيو، جنهن ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، وائيس چانسلر نثار احمد صديقي ۽ ٻين جي هٿان بزنس ايڊمنسٽريشن، انجنيئرنگ، سائنس مينيجمينٽ، ڪمپيوٽر سائنس، ايجوڪيشن ۽ ٻين شعبن ۾ پاس آئوٽ ڪندڙ اٽڪل 235 گريجوئيٽس ۽ ماسٽرس کي ڊگريون ڏنيون ويون، جڏهن ته پوزيشن هولڊرز کي گولڊ، برونس ۽ سلور ميڊلز سان پڻ نوازيو ويو. ڪانووڪيشن ۾ سنڌ جو توانائي وارو وزير امتياز احمد شيخ، وزيراعليٰ سنڌ جو صلاحڪار اعجاز علي شاهه شيرازي، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، ايم پي اي سيد فرخ شاهه، فيڪلٽيز سربراهه، اعليٰ سرڪاري آفيسر ۽ مختلف طبقن سان واسطو رکندڙ شخصيتون توڙي والدين وڏي انگ ۾ موجود هئا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته 2 ڪمرن مان شروع ٿيندڙ آءِ بي اي سکر جو هي ادارو جنهن کي سندس والد اڳوڻي وزيراعليٰ سنڌ سيد عبدالله شاهه 90 جي ڏهاڪي ۾ ڪراچي آءِ بي اي سان الحاق ڪري منظور ڪيو هو، جنهن ڪاميابي جون راهون طئي ڪندي اڄ نمايان پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي ۽ کيس اعزاز آهي ته هُن 2017 ۾ مڪمل طور سرڪاري يونيورسٽي جو درجو ڏنو اُميد ڪئي پئي وڃي ته هي ادارو 21هين صديءَ جو اسٽيٽ آف دي آرٽ بڻجي سامهون ايندو جيڪو سنڌ ۾ معياري تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. وڏي وزير چيو ته کيس خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته سکر آءِ بي اي 70 سيڪڙو شاگرد غريب طبقي سان واسطو رکن ٿا جيڪي اسڪالرشپ تي اعليٰ ۽ معياري تعليم پرائي رهيا آهن، سنڌ حڪومت جي پروگرام تحت سوين شاگردن کي ٽيلنٽ هنٽ پروگرام ۾ کنيو ويندو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي سهڪار سان سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ فيب ليب قائم ڪئي پئي وڃي جيڪا فيڪريشن دور ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ ليبارٽري بڻجي سامهون ايندي، ان کان علاوه مختلف اسڪلز ۽ 21هين صدي جي ٽيڪنالاجي وارن شعبن ۾ به ترقي وٺرائي پئي وڃي. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو ته اسانکي سکر آءِ بي اي ڪڏهن به مايوس ناهي ڪيو ۽ هن اداري ٿوري عرصي ۾ گهڻي ترقي ڪئي آهي، سنڌ حڪومت تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ڀرتيون ڪيون ويون آهن، اسڪولن کي جديد ٽيڪنالاجي سان استوار ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سکر آءِ بي اي ۾ سنڌ سرڪار جي سهڪار سان سولر پلانٽ لڳائي هڪ هزار ڪلوواٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب ماهوار 2 ملين جي بچت ٿي رهي آهي، ٻين ادارن ۽ يونيورسٽين کي سکر آءِ بي اي جي طرز تي متبادل توانائي جي شعبي ۾ ترقي ڪرڻ گهرجي. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان صوبي جي اسڪولن ۽ اسپتالن کي سولر سسٽم تي آندو پيو وڃي جڏهن ته 2 لک گهراڻن کي پڻ پهرئين مرحلي ۾ سولر اينرجي فراهم ڪئي ويندي، اهڙي ريت اُهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ٿر جي ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي سڄي ملڪ کي مهيا ڪئي ويندي. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڀرتين کي شفاف بڻائڻ لاءِ سکر آءِ بي اي جي مدد سان امتحان ورتو، جنهن ۾ 60 هزار اميدوارن حصو ورتو. هن چيو ته سکر آءِ بي اي جي ترقيءَ ۾ خورشيداحمد شاهه جو اهم ڪردار آهي سندس خدمتن کي وساري نٿو سگهجي، ٻن ڪمرن مان شروع ٿيندڙ آءِ بي اي سکر 25 سالن بعد سرڪاري يونيورسٽي جو درجو حاصل ڪري چڪو آهي. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ڊگريون حاصل ڪندڙ گريجوئيٽس تي زور ڀريو ته اُهي حاصل ڪيل علم ذريعي نيون دريافتون ڪري معاشري کي ترقي وٺرائن ۽ پنهنجي عوام جي ڀرپور خدمت ڪن، جڏهن ته هو والدين، استادن ۽ يونيورسٽي دوستن کي ڪڏهن به نه وسارين ۽ هو ليڊرشپ ۽ اخلاقيات ۾ به رول ماڊل بڻجن. اِن کان اڳ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ گُلن جي نمائش جو افتتاح پڻ ڪيو.

COMMENTS