خيرپور ( ڊر ) خيرپور ڀرسان ڳوٺ پير منڱيو مان 25 ڏينهن اڳ اڳوا ٿيل پورهيت راحب علي ڪلهوڙو گھوٽڪي ضلعي جي ڪچي واري علائقي مان بازياب ٿي گھر پ...
خيرپور ( ڊر ) خيرپور ڀرسان ڳوٺ پير منڱيو مان 25 ڏينهن اڳ اڳوا ٿيل پورهيت راحب علي ڪلهوڙو گھوٽڪي ضلعي جي ڪچي واري علائقي مان بازياب ٿي گھر پهچي ويو، راحب ڪلهوڙو وارثن سان گڏجي پريس ڪلب خيرپور آڏو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهري جي اڳواڻي شاهه بخش ڪلهوڙو، راحب ڪلهوڙو، عابد، ممتاز، حادي بخش، نديم، شڪيل ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي راحب ڪلهوڙو چيو ته 25 ڏينهن اڳ مان سکر کان پنهنجي ڳوٺ واپس اچي رهيو هيس ته باءِ پاس کان پيرمنڱيو لنڪ روڊ تي ٻن ڪارون ۾ سوار 8 جوابدارن عطاءُ الله ڳنڀير، منو، جان محمد ڪلهوڙو، لالو، فاروق، حاڪم عرف شيرو، رجب، ظهير ۽ اڻ سڃاتل هئا، جيڪي هٿيارن جي زور تي منهنجي منهن تي ڪپڙو وجهي نامعلوم هنڌ تي کڻي ويا. مون جڏهن اکيون کوليون ته جهنگ هي جهنگ هيو، ڌاڙيلن مونکي زنجير هڻي وڻ سان وڌي ڇڏيو هيو جو گذريل ڏينهن گھوٽڪي پوليس اوچتو ڇاپو هڻي مونکي بازياب ڪرايو آهي. هنن ٻڌايو ته جوابدار ڌر 2011 ۾ اسان جي گھرن تي حملو ڪري اسان جا 4 قتل ڪيا هئا جن ۾ هدايت الله، خادم، وحيدان، عظمان شامل آهن هنن چيو ته جوبدار ڌر بااثر آهي جن مان جان جو خطرو آهي جن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

COMMENTS