سکر(رپورٽر) سکر جي احتساب عدالت ۾ خورشيد شاھ خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس جي ٻڌڻي 15 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪئي وئي صوبائي وزير اوي...
سکر(رپورٽر) سکر جي احتساب عدالت ۾ خورشيد شاھ خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس جي ٻڌڻي 15 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪئي وئي صوبائي وزير اويس شاه جي ڀاءُ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا خورشيد شاه جو چوڻ آهي ته هڪ ملڪ ۾ 2 قانون ملڪ لاءِ هاڃيڪار آهن، کيس الله ۾ اميد آهي الله ئي انصاف ڪندو. احتساب عدالت جي جج امير علي مهيسر پيپلزپارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ سميت 18 ڄڻن خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. خورشيد شاه کي اين آءِ سي وي ڊي مان ايمبولينس وسيلي احتساب عدالت آندو ويو. صوبائي وزير سيد اويس قادر شاھ ، ايم پي اي سيد فرخ احمد شاھ، سيد زيرڪ شاه سميت 17 ملزم عدالت ۾ پيش ٿيا. خورشيد شاه جي وڪيلن ۽ نيب پراسيڪيوٽر دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ملزم سيد جنيد قادر شاھ عدالت آڏو پيش نه ٿيو آهي. جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته جنيد شاه ڪٿي آهي ۽ هو ڇو هڪ به ٻڌڻي تي پيش ناهي ٿيو. جنيد شاه جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هو پرڏيھ ۾ آهي جڏهن موٽيو ته عدالت ۾ پيرش ٿيندو سندس واپسي مارچ تائين ممڪن آهي. عدالت پيش نه ٿيڻ تي سيد جنيد قادر شاھ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس جي ٻڌڻي 15 ڏينهن تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي 18 فيبروري تي رکي وئي. احتساب عدالت کان نڪرندي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي سيد خورشيد احمد شاھ چيو ته حڪومت مهانگائي جي سونامي آندي آهي، سونامي تباهي جو نالو آهي ۽ حڪمرانن تباهي ئي آندي آهي. عمران خان چوندو هو ته ڏيهاڙي 12 ارب رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي ته پوءِ هاڻي اهي 12 ارب بچن پيا اهي ڪيڏانهن وڃي رهيا اهن. کنڊ هجي اٽو هجي يا ڪا ٻي شيءِ انهن جا اگھ اوچتو وڌي وڇن ٿا. حڪمران ٻڌائن ته شين جا اگھ وڌائڻ وارو ڪير آهي؟ ڊالر جي اگھ وڌڻ ۽ رپئي جي اگھ ڪرڻ جو ذميوار ڪير آهي؟ هن چيو ته سنڌ ۾ آءِ جي نه بدلائڻ ۽ ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ چار چار آءِ جي هاڃيڪار ڳالھ آهي. هڪ ملڪ ۾ 2 جدا جدا قانون ملڪ ۽ حڪمرانن لاءِ نقصانڪار آهي. حڪومت پنهنجي ذميواري پوري نه پئي ڪري. صحافي شيد خورشيد احمد شاه کان پڇيو ته ٻين جي ضمانت ٿي وئي توهانجي ڇو نه ٿي ٿئي؟ جنهن تي هن وراڻيو ته کيس الله ۾ اميد آهي، الله ئي ساڻس انصاف ڪندو.

COMMENTS