سکر(بيورو رپورٽ) خوراڪ کاتي سکر جا ڪامورا ڪڻڪ جي اَنَ کي ائين کائي ويا جيئن زمينن ۾ پوکيل ڪڻڪ کي ماڪڙ کائي وئي، فوڊ گودامن مان 3 لک کان وڌيڪ...
سکر(بيورو رپورٽ) خوراڪ کاتي سکر جا ڪامورا ڪڻڪ جي اَنَ کي ائين کائي ويا جيئن زمينن ۾ پوکيل ڪڻڪ کي ماڪڙ کائي وئي، فوڊ گودامن مان 3 لک کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون غائب ھڪ ارب 35 ڪروڙن جي ڪڻڪ وڪرو ٿيڻ جو انڪشاب، سکر جي فلور ملن اندر ڀينگ ٿي وئي، فلور مليون ڪڻڪ کان خالي، نيب سکر جون ڇھن فلور ملز تي ڪاروايون، سکر ۾ بند فلور ملن راجا اورنگ زيب ۽ ستار فلور مل کي به ڪوٽا جاري في ٻوري تي ھڪ ھزار رشوت وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آھي جڏهن ته ان سلسلي ۾ ڪاشف فلور مل جي مالڪ منير ميمڻ چيو آھي ته سکر ۾ غير قانوني طريقي سان رشوت عيوض پروموشن وٺندڙ آفيسرن اچڻ شرط ئي فوڊ کاتي کي مال غنيمت سمجھي ٽي لک ٻوريون مختلف فلور ملن تان وڪرو ڪري ڇڏيون آھن هن چيو ته نيب جي ڇاپي دوران لکين ٻوريون غائب ھيون، جنھن جي ڪري بند فلور ملن جنھن ۾ راجا اورنگ زيب فلور مل ۽ ستار فلور مل تي ڪڻڪ جي ڪوٽا جاري ڪري هلندڙ ملن جي مالڪن کان في ٻوري تي ھڪ ھزار کان وڌيڪ رشوت وٺي غير قانوني طور انهن کي ڏنيون وڃن ٿيون، ۽ اهڙن ئي رشوت خور آفيسرن اٽي جو بحران ھٿرادو پيدا ڪيو ويو آھي اھڙي معامري جو نيب سکر، ايف آء اي ۽ چيف جسٽس نوٽيس وٺي ڪاروائي ڪن ته جيئن ملوث ڪامورن کي سزائون اچڻ سان گڏ عوام جا اهنج ختم ٿين،

COMMENTS