صالح پٽ (رپورٽ ديوان سڪندر)صالح پٽ تعلقي ۾ پرائمري اسڪول مٺو مڱريو کي 36 سال گذري وڃڻ باوجود بلڊنگ تعمير نه ٿي معصوم ٻارڙا وڻ هيٺان تعليم ح...
صالح پٽ (رپورٽ ديوان سڪندر)صالح پٽ تعلقي ۾ پرائمري اسڪول مٺو مڱريو کي 36 سال گذري وڃڻ باوجود بلڊنگ تعمير نه ٿي معصوم ٻارڙا وڻ هيٺان تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته 150 کان وڌيڪ ٻارڙن لاءِ هڪ استاد مقرر ۽ بنيادي سهولتن جي پڻ اڻاٺ آهي، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن عبدالغني مڱريو. الهوڌايو مڱريو، خميسو مڱريو، خالدمحمود مڱريو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين کي بار بار روبرو وڃي درخواستون ڏيڻ باوجود اڄ جي هن جديد دور ۾ اسان جا معصوم ٻار وڻ هيٺان گرمي هجي يا سردي جي موسم ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته سياسي ماڻهن اسان کي هر دور ۾ نظر انداز ڪيو آهي، جنهن ڪري 150 کان وڌيڪ ٻارڙن کي پڙهائڻ لاء اسڪول ۾ صرف هڪ استاد مقرر ڪيل آهي، جيڪو پهرين درجي کان پنجين ڪلاس تائين ٻارن کي روزانو پڙهائي رهيو آهي، هنن سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي جي ختيارين کان اپيل ڪئي ته اسان جي ڳوٺ جي اسڪول کي عمارت، فرنيچر ۽ ڪلاسن جي حساب سان 5 استاد ڏنا وڃن،

COMMENTS