اسلام آباد (بيورورپورٽ) سينيٽ ايوان ۾ منظور ڪيل ٻن ترميمي بلن کي قومي اسيمبلي به منظور ڪري ڇڏيو آھي جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سميت ...
اسلام آباد (بيورورپورٽ) سينيٽ ايوان ۾ منظور ڪيل ٻن ترميمي بلن کي قومي اسيمبلي به منظور ڪري ڇڏيو آھي جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سميت سرڪاري اسڪيمن کان پنهنجي رشتيدارن کي فائدو ڏيندڙ سرڪاري ملازمن کي عمر قيد جي سزا ڏيڻ، پنهنجن کي ڏنل فائدي جي رقم جي ڏهوڻ تي رقم جرماني طور وصول ڪرڻ لاء قانون ۾ ترميم جي بل سان گڏ ملڪ اندر ڪاري علم, جادوگري, روحاني علاج ۽ ان بابت مشورا ڏيڻ کي سنگين جرم قرار ڏئي اهڙي ڏوه جي ست سال قيد ۽ ڏه لک ڏنڊ جي سزا ڏيڻ جو به ترميمي بل پيش, وڌيڪ غور لاء پيش ڪيل بل لاڳاپيل ڪاميٽين حوالي ڪيو ويو، قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو اجلاس ۾ مسلم ليگ ن جي ميمبر فقير احمد پاڪستان پينل ڪوڊ 1860 ۽ ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيجر 1898 ۾ ترميم جو بل 2020 پيش ڪرڻ جي اجازت گهري بل جي حق ۾ دليل ڏيندي ان جو چوڻ هو ته جادو ٽوڻن لاء قبرستانن ۾ لاشن جون هڏيون ڪڍيون وڃن ٿيون قبرستان ۾ دفن ٿيل ڇوڪرين جا لاش ڪڍي ان سان ريپ ڪرڻ جهڙا واقعا به سامهون اچن ٿا اهڙي غير انساني ۽ سنگين عمل لاء قانون ۾ سزا رڳو هڪ سال مقرر ٿيل آھي ان سزا ۾ واڌ لاء هي ترميمي بل آڻي رهيو آھي جنهن بعد حڪومت پاران پارلياماني مامرن جي وزير علي محمد کان بل جي حمايت ڪئي جنهن بعد اهو بل ڄاڻايل ميمبر قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو آھي جنهن کي وڌيڪ غور لاء ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو آھي ن ليگ جي فقير احمد پاران پيش ڪيل بل ۾ ڪيل ترميمن ۾ چيو ويو آھي ته هن بل جي منظوري بعد جيڪو به جادو ,ڪارو جادو ,ڪارو علم,يا جادوگري جو عمل ڪري ,يا ان خدمتون فراهم ڪري يا ان جي آڙ ۾ روحاني علاج ڪري,يا مشورو ڏئي ته اهو سنگين ڏوه تصور ٿيندو ۽ ان ڏوه جو مرتڪب گهٽ ۾ گهٽ 6 سال يا ست سالن تائين قيد جي سزا ۽ ڏھ لک روپين جي ڏنڊ جو حقدار تصور ٿيندو جڏهن ته ٻئي بل موجب بينظير انڪم پروگرام مان ڪنهن سرڪاري ملازم تي ڀلائي جي اسڪيم يا پروگرام ۾ غبن جو الزام هجي ته ان کي فوري طور تي عهدي تان هٽايو ويندو عدالت مان بري ٿيڻ تائين کيس پگهار, مراعتن ڏيڻ بنا غير معمولي نوعيت جي موڪل تي اماڻيو ويندو

COMMENTS