گمبٽ (رپورٽ: حفيظ منگي) گمبٽ پوليس پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري ۽ سندس معصوم ڌيءُ کي قتل ڪندڙ 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، رڳو مک جوابدار جي گرفتاري ...
گمبٽ (رپورٽ: حفيظ منگي) گمبٽ پوليس پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري ۽ سندس معصوم ڌيءُ کي قتل ڪندڙ 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، رڳو مک جوابدار جي گرفتاري ظاهر، ڪيس داخل نه ٿيڻ باوجود ايس ايس پي خيرپور جي ترجمان بيان جاري ڪندي ڪيس داخل ٿيڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي. تاج ڪالوني جي وقار ڪوري ۽ عابده ڪوري تقريبن ڏيڍ سال اڳ پسند جي شادي ڪئي هئي، اڄ عورت جي اڳوڻي مڙس جوڙي جي گهر تي ڪاهه ڪئي، جوابدار ڪهاڙين جا وار ڪري 3 مهينن جي ٻارڙي شاڪسه ۽ سندس امڙ عابده ڪوري کي قتل ڪيو، جوابدار ساٿين سوڌو فائرنگ ڪندو نعرا هڻندو فرار ٿي ويو، گمبٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻارڙي جي لاش ۽ زخمي عورت کي کڻائي گمبٽ اسپتال پهچايو، قتل ٿي ويل ٻارڙي شاڪسه ۽ سندس امڙ عابده ڪوري جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، مقتول ٻارڙي ۽ سندس امڙ جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، مقتول عورت جي مڙس وقار احمد ڪوري ٻڌايو ته عابده ڪوري ۽ مون پسند جي شادي ڪئي هئي، اڳوڻي مڙس جوابدار شهزادو ولد الياس ڪوري پنهنجي زال کي طلاق ڏني هئي، ڏيڍ سال اڳ عابده سان عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي، اڄ جوابدار ساٿين سوڌو حملو ڪري معصوم ٻارڙي ۽ زال کي قتل ڪيو آهي، قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ايس ايس پي خيرپور جي ترجمان بيان جاري ڪندي چيو ته ٻاڙڙي ۽ سندس امڙ جي قتل جو ڪيس داخل ڪري مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هوڏانهن گمبٽ پوليس بار بار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو. گمبٽ پوليس چيو ته، پي آر او جيڪا پريس رليز جاري ڪئي آهي هو خود ذميوار آهي، وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو. ٻڌايو پيو وڃي ته مک جوابدار سميت 7 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن مان رڳو مک جوابدار شهزادو ڪوري جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي.

COMMENTS