سکر(بيورو رپورٽ) گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان ملڪ ۾ 70 سالن کان قابض ڪرپٽ مافيا خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي. ان ڪري ڪرپ...
سکر(بيورو رپورٽ) گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان ملڪ ۾ 70 سالن کان قابض ڪرپٽ مافيا خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي. ان ڪري ڪرپٽ ماڻهون پي ٽي آءِ جي حڪومت خلاف ٿي ويا آهن. وزير اعظم عمران خان عوام سان ڪيل واعدا جلد پورا ڪندو. اهڙيون ڳالهيون هن گورنر هائوس ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف سکر ريجن جي عهديدارن ريجنل صدر محمد اسلم، جنرل سيڪريٽري مبين جتوئي، غلام عباس چاچڙ عرف پپو خان ۽ ٻين سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو، ملاقات ۾ موجودا سياسي صورتحال ۽ تنظيم سازي جي حوالي سان ڳالهايو ويو، ان موقعي تي گورنر عمران اسماعيل نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اميد آهي ته نوان چونڊيل عهديدار عوامي فڪر ۽ فلسفي تحت عوام جي خدمت جاري رکندا. هن چيو ته ملڪ مان جلد مهانگائي تي واضح ضابطو اچي ويندو. احساس نوجوان پروگرام تحت لکين بيروزگار نوجوانن روزگار جا موقعا ملندا. احساس پروگرام تحت غريب ماڻهن کي گھر ويٺي مدد ڪئي پئي وڃي. ملڪ ۾ مهانگائي ڪندڙ مافيائن خلاف ڪاروايون هلي رهيون آهن. مختلف ڪارواين ۾ ڇاپن دوران لکين ٽن کنڊ ۽ ڪڻڪ جون ٻوريون هٿ ڪيون ويون آهن. ذخيرو ڪندڙ مافيا خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

COMMENTS