اسلام آباد(بيورو روپرٽ) پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ ڏيڍ سال ۾ رڳو يوٽيلي اسٽورز تي عام واهپي جي شين وارن اگهن ۾ 73 ڀيرا اضافو ٿيڻ جو انڪشاف ٿي...
اسلام آباد(بيورو روپرٽ) پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ ڏيڍ سال ۾ رڳو يوٽيلي اسٽورز تي عام واهپي جي شين وارن اگهن ۾ 73 ڀيرا اضافو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت قومي اسيمبلي ۾ عام واهپي جون شيون مهانگيون ٿيڻ جي حوالي سان لکت ۾ جواب جمع ڪرائيندي پي ٽي آءِ حڪومت جي دعوائن جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي. جواب ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته آگسٽ 2018ع کان هيل تائين رڳو يوٽيلٽي اسٽورز ۾ کنڊ جي اگهن ۾ 4 ڀيرا اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته اگهن ۾ گهٽتائي 3 ڀيرا ڪئي وئي. اُن کانسواءِ يوٽيلٽي اسٽورن تي ان عرصي ۾ اٽو 7 ڀيرا مهانگو ۽ 4 ڀيرا سستو ڪيو ويو، جڏهن ته چانورن ۽ دالن جي اگهن ۾ 12 ڀيرا اضافي جو به انڪشاف ڪيو ويو آهي.
صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته آگسٽ 2018ع کان هن مهل تائين گيهه، کاڄڙو تيل ۽ کاڌي پيتي جي ٻين شين جي اگهن ۾ 73 ڀيرا اضافو ڪيو ويو آهي. وفاقي سرڪار يوٽيليٽي اسٽورز کي 6 ارب رُپيا جاري ڪيا آهن، جِن مان 5ا رب رُپيا عام واهپي جي شين جي خريداري ۽ هڪ ارب رُپيا ماهوار سبسڊي جي مد ۾ ڏنا ويا آهن.

COMMENTS