اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ جي سياسي قيادت ڪشميري ڀائرن سان ٻڌيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪشمير جي آزادي تائين اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حماي...
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ جي سياسي قيادت ڪشميري ڀائرن سان ٻڌيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪشمير جي آزادي تائين اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکي ويندي، ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي ٺهراءُ تي عمل سان آهي. ڪشميرين سان ٻڌيءَ واري ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان طرفان پيغا۾ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هُن چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي عوام سان پختي ٻڌيءَ جو اظهار ڪريون ٿا. ڪشميري لڳاتار 6 مهينن کان ڀارت جي غير انساني لاڪ ڊائون کي منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن سان جمهوريت ۽ انساني حقن بابت ڀارت جون دعوائون وائکيون ٿي ويون آهن. پيغام ۾ وزيراعظم ڪشميري ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جو عزم ورجائيندي چيو ته ڀارت 9 لک ڪشميرين کي پنهنجي ئي سرزمين تي باندي بڻائي ڇڏيو آهي، پاڪستان سدائين ڪشميري ڀائرن سان گڏ هوندو ۽ ڀارتي ظلم خلاف آواز اُٿاريندو رهندو.

COMMENTS