خيرپور (النور نيوز) بلوچستان جي ناري جيڪب آباد جي نوجوان سان خيرپور ۾ عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو، مائٽن طرفان ڪارنهن الزام هيٺ مارجڻ جي خوف کان در...
خيرپور (النور نيوز) بلوچستان جي ناري جيڪب آباد جي نوجوان سان خيرپور ۾ عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو، مائٽن طرفان ڪارنهن الزام هيٺ مارجڻ جي خوف کان دربدري جو شڪار، تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو. تفصيل مطابق بلوچستان جي علائقي روجهاڻ جمالي نصير آباد جي رهواسڻ نوجوان ناري مسمات گلناز ڌيءَ نور محمد کوسو گهران نڪري جيڪب آباد جي علائقي ڳوٺ مولاداد جي رهواسي نوجوان گل خان ولد سائينداد لاشاري سان پنهنجي وڪيل جي معرفت عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن بعد ناريءَ جي مائٽن هٿان ڪارنهن جي الزامهيٺ مارجڻ جي خوف کان دربدري جو شڪار ٿي ويا آهن. مائٽن جي اهڙي عمل خلاف صحافين آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو آهي ته هنن پنهنجي مرضي سان شريعت محمدي مطابق نڪاح ڪيو آهي مگر مائٽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ ڪاروڪاري جي الزامن هيٺ قتل ڪرائڻ چاهين ٿا جنهن ڪري کين تحفظ فراهم ڪري سندن زندگيون بچائيون وڃن.

COMMENTS