گھوٽڪي (رپورٽ ) ميرپور ماٿيلو؛ ضلعي گهوٽڪي جي يوٽلٽي اسٽورن تي دالين ۽ کنڊ جي کوٽ جو ڊپٽي ڪمشنر نوٽيس ورتو، اسسٽنٽ ڪمشنرن کي لاڳاپيل تعلقن ج...
گھوٽڪي (رپورٽ ) ميرپور ماٿيلو؛ ضلعي گهوٽڪي جي يوٽلٽي اسٽورن تي دالين ۽ کنڊ جي کوٽ جو ڊپٽي ڪمشنر نوٽيس ورتو، اسسٽنٽ ڪمشنرن کي لاڳاپيل تعلقن جي يوٽلٽي اسٽورن جا دورا ڪري عام واهپي جي شين جي موجودگي بابت رپورٽ ڏيڻ جو حڪم. تفصيل موجب ضلعي گهوٽڪي جي يوٽلٽي اسٽورن تي دالين ۽ کنڊ جي کوٽ بابت عوامي شڪايتن تي ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم نوٽيس وٺندي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي پنهنجي تعلقن جي يوٽلٽي اسٽورن جو جائزو وٺي عام واهپي جي شين جي موجودگي بابت تفصيلي رپورٽ فراهم ڪن. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته يوٽلٽي اسٽورن تي عام واهپي جي شين جي کوٽ سبب عام ماڻهن کي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن ان سلسلي ۾ يوٽلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي زونل مئنيجر سان ڳالهايو آهي، ٻن ڏينهن اندر ضلعي گهوٽڪي ۾ 6 ٽن داليون پهچي وينديون ۽ ايندڙ هفتي سمورن يوٽلٽي اسٽورن تي کنڊ پڻ دستياب هوندي. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميه ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي ته عوام کي عام واهپي جون شيون مناسب اگهن ته ملي سگهن اهڙي ريت ضلعي انتظاميه پاران لڳايل اٽي ۽ کنڊ جي اسٽالن تان پڻ عام ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن..

COMMENTS