سکر(بيورو رپورٽ)پ پ پ جيالا سکر پريس ڪلب آڏو پنهنجي ئي ميئر سکر خلاف ڪيل احتجاج دوران وڙهي پيا هڪ ٻئي تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو، ...
سکر(بيورو رپورٽ)پ پ پ جيالا سکر پريس ڪلب آڏو پنهنجي ئي ميئر سکر خلاف ڪيل احتجاج دوران وڙهي پيا هڪ ٻئي تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو، تفصيل موجب، سکر پريس ڪلب اڳيان پ پ پ جيالن ۽ ورڪرن ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ خلاف احتجاج ڪيو جيالن جي هٿن ۾ بينر هئا ۽ هو ميئر ھٽايو سکر بچايو جا نعرا پڻ هڻي رهيا ھئا، جڏهن ته احتجاج جي اڳواڻي نويد چانڊيو، غوث بخش ميراڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن جو چوڻ هو ته بلدياتي سسٽم جو مدو پورو ٿيڻ وارو آهي پر ان عرصي ۾ ميئر سکر ارسلان سلام شيخ سکر سٽي کي هڪ کنڊرجيان بڻائي ڇڏيو آهي سکر جون مڙئي يونين ڪائونسليو برباد لڳيون پيون آھن، عوام کي پيئڻ لاء صاف پاڻي ميسر ناهي سڄي شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن پر ميئر جا ڪم صرف ڀتاخوري سميت پ پ پ جي ووٽرن ۽ ورڪرن کي هروڀرو تنگ ڪرڻ ۾ رڍل آهي، ۽ سکر اندر چئن سالن ۾ جيڪا رقم خرچ ٿي ان جو حساب ڪتاب ڪيو وڃي، جڏهن ته احتجاج دوران پ پ پ سان ئي واسطو رکندڙن احتجاج ڪندڙن تي حملو ڪري لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، ۽ ڪيتري دير تائين جهيڙو هلندو رهيو، جنهن بعد متاثر جيالن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت پارٽي اڳواڻن کان گهر ڪئي ته حملاآور ۽ پاڻ کي پ پ پ ورڪر سڏرائيندڙ شر پسندن کي پارٽي مان نيڪالي ڏني وڃي ۽ ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ کان سکر ۾ ڪيل ترقياتي ڪمن جي باري ۾ پڇا گاڇا ڪرڻ سان گڏ پ پ پ جي ساک خراب ڪرڻ جو پڻ پڇاڻو ڪيو وڃي ۽ سکر جي عوام کي هنگامي بنيادن تي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن جيڪو سکر واسين جو حق ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور به آهي،

COMMENTS