خيرپور ۾ ڀرتي ٿيل ادرڪيڊر استادن پنهنجي پگهارن جي حصول لاءِ سيشن ڪورٽ کان پريس ڪلب خيرپور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي . جنهن جي اڳواڻي شوڪت ...
خيرپور ۾ ڀرتي ٿيل ادرڪيڊر استادن پنهنجي پگهارن جي حصول لاءِ سيشن ڪورٽ کان پريس ڪلب خيرپور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي . جنهن جي اڳواڻي شوڪت منگي، برڪت چنه، طارق سومرو، رفيق پٺاڻ ۽ ٻين ڪئي ان موقعي تي استادن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ تعليم واري وزير سعيد غني صاحب کان مطالبو ڪيون ٿا ته سنڌ جي ٻين ضلعن وانگر خيرپور جي 314 ادرڪيڊر استادن جي ڀرتي جي جاچ پڙتال ڪرائي انهن کي به پنهنجو حق ڏنو وڃي ته جيئن اسان ڦاڪاڪشي کان بچي سگهون ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي بڄڙن جو پيٽ پالي سگهون ان موقعي تي شوڪت منگي چيو ته مختلف موقعن تي اسان سان مختلف واعدا ڪيا ويا آهن پر انهن تي هن مهل تائين ڪوبه عمل نه ڪيو ويو آهي اسان ڦاڪاڪشي جي زندگي ۾ مبتلا آهيون هن وڌيڪ پرزور اپيل ڪندي چيو اسان کي پنهنجو حق ڏنو وڃي ته جيئن اسان جي زندگي آسان ٿي وڃي احتجاجي ريلي ۾ شريڪ استاد حافظ اربيلو، حافظ مشتاق سيال، ظفر ٻانڀڻ، شفقت حسين ، الله بخش، سعيد احمد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

COMMENTS