حيدرآباد (پريس رليز) ڪاليجي استادن جا ٿيل پروموشن رولڙي جو شڪار، ست مھينا اڳ پروموٽ ٿيل ليڪچرارن جو اڃا تائين نوٽيفڪيشن نہ نڪتو، اٹھيويھين گ...
حيدرآباد (پريس رليز)
ڪاليجي استادن جا ٿيل پروموشن رولڙي جو شڪار، ست مھينا اڳ پروموٽ ٿيل ليڪچرارن جو اڃا تائين نوٽيفڪيشن نہ نڪتو، اٹھيويھين گريڊ ۾ پروموٽ ٿيل ايسوسيئيٽ پروفيسرز بہ اڃا پوسٽنگ کان محروم، ويھين گريڊ لا۽ ڪيترائي پروفيسر رٽائيرڊ ٿيڻ لڳا، ڪاليج کاتي پاران عدم دلچسپي سبب فورٽيئر فارمولا بہ روائيز نہ ٿي سگھيو، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي اجازت نہ ملڻ سميت ڪاليجي استادن ٓجا مسئلا حل نہ ٿيڻ خلاف سپلا پاران احتجاجي مظاھرن جو چتاءُ تفصيل موجب سنڌ پروفيسرس اينڊ ليڪچرارز ايسوسيئيشن ( سپلا) سنڌ جي مرڪزي صدر پروفيسر علي مرتضيٰ، مرڪزي سيڪريٽري جنرل پروفيسر شاھجھان پنھور، پروفيسر عبدالڪريم ناريجو، پروفيسر الطاف ميمڻ، سپلا ڪراچي ريجن جي صدر پروفيسر منور عباس، سپلا حيدرآباد جي صدر پروفيسر محمد حنيف دراني، سپلا سکر ريجن جي صدر پروفيسر غلام اصغر شاھ، پروفيسر مشتاق ڦلپوٽو، پروفيسر امير احمد لاشاري، پروفيسر محمد يوسف قائمخاني، پروفيسر عبدالمنان بروھي، پروفيسر لياقت جعفري، پروفيسر انوارالحق ميمڻ، پروفيسر ساجد اقبال، پروفيسر ملھار سنڌي پروفيسر لعل بخش سوھو، پروفيسر لعل بخش ڪلھوڙو، پروفيسر غفران بلوچ، پروفيسر شھاب الدين مڱڻ، پروفيسر سلمہ قاضي، پروفيسر عارفہ زئي، پروفيسر سيد جڙيل شاھ، پروفيسر عبدالغني ، پروفيسر نورمحمد شاھ، پروفيسر غلام مصطفيٰ ڪاڪا ۽ پروفيسر سعيد احمد ابڙو سميت سپلا جي اڳواڻن پنھنجي ھڪ پريس بيان ۾ چتاءّ ڏيندي چيو آھي تہ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي عدم دلچسپي سبب ست مھينا اڳ ٿيل ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي ذريعي پروموٽ ٿيل ميل ۽ فيميل ليڪچرارز جا منٽس اڃا منظور نہ ٿا ڪيا وڃن ، سندن پروموشن جو نوٽيفڪيشن بہ اڃا تائين جاري نہ ٿي سگھيو آھي، جنھن سبب ڪاليجي استادن ۾ مايوسي ڇانيل آھي، ھوڏانھن 19 گريڊ ۾ پروموٽ ٿيل ايسوسيئٽ پروفيسرز جا پوسٽنگ آرڊر اڃا جاري نٿا ڪيا وڃن. جڏھن تہ گريڊ ويھين ۾ پروموشن لا۽ انتظار ۾ ويٺل ڪيترائي پروفيسر پڻ رٽائيرڊ ٿي چڪا آھن پر ويھين گريڊ ۾ پروموشن لا۽ کاتي پاران ڪو قدم نہ کنيو ويو آھي. جڏھن تہ ڪاليجي استادن جي فورٽيئر فارمولا جي روائيز ٿيڻ واري سمري پڻ التويٰ جو شڪار آھي. ڊپارٽمينٽ جي سستي سبب ان سمري بابت ڪو کڙتيل نہ نڪري سگھيو ۽ روائيزڊ فورٽيئر فارمولا جو نوٽيفڪيشن نه پيو جاري ڪيو وڃي اھوئي سبب آھي جو سنڌ جي ھزارين ڪاليجي استادن ۾ سخت بي چيني آھي. سپلا جي اڳواڻن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، تعليم جي وزير سعيد غني، چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاھ ۽ سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن رفيق احمد ٻرڙو کان مطالبو ڪندي چتاءُ ڏنو آھي، رڪيل پوسٽنگز، ٿيل پروموشنز جي نوٽيفڪيشن ، رڪيل سينارٽي لسٽن جي اجراء، لائبريرين ۽ ڊي پي ايز سميت رڪيل پروموشن ۽ فورٽيئر فارمولا جي روائيزنگ سميت استادن جا جائز مسئلا حل نه ڪري اسان کي روڊن تي اچڻ لاء مجبور ڪري رھيو آھي. اڳواڻن چيو ته اگر مسئلاحل نه ڪيا ويا تہ ٻي صورت ۾ سپلا پاران ضلعي، ريجنز ۽ مرڪزي سطح تي احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا. جنھن جي ذميوار ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي انتظاميه ھوندي. ان سلسلي ۾ سپلا اڳواڻن پاران تعليم جي وزير سان ملاقات ۽ چيف سيڪريٽري سان ملاقات ڪري ڪاليجي استادن جي مسئلن بابت ڄاڻ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي.
COMMENTS